وزيراعظم پاران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس، ڪنهن به علائقي ۾ ٻه ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي: محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي ورتو آهي ۽ مختلف شهرن ۾ بجلي جي وڌندڙ لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ بجلي جي لوڊ مئنيجمينٽ تي اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي …

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي ورتو آهي ۽ مختلف شهرن ۾ بجلي جي وڌندڙ لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ بجلي جي لوڊ مئنيجمينٽ تي اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته خطي جي تازي صورتحال ۽ آبناءِ هرمز ۾ ڇڪتاڻ ۽ پهچ جي مشڪلاتن جي ڪري آر ايل اين جي، جي فراهمي متاثر ٿيڻ سان بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ طلب ۽ پهچ ۾ توازن برقرار رکڻ جي لاءِ مجبوري ۾ لوڊ مئنيجمينٽ ڪرڻي پئجي رهي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هيلپ لائين نمبر 118 جي ذريعي بجلي صارفين پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا، شڪايت داخل ڪرائڻ تي صارف کي ٽوڪن نمبر ۽ شڪايت جي ازالي جو وقت پڻ ٻڌايو وڃي ٿو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت سواءِ ضلعي راجنپور جي 6 بجلي صارفين جي سڄي ملڪ جي ڪنهن صارف جي بجلي سانوڻي جي برساتن جي ڪري متاثر نه آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪنهن به علائقي ۾ ٻه ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته خطي جي صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي آر ايل اين جي جي پهچ ۾ تعطل کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، سمورن موجود وسيلن جو موثر استعمال ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن علائقي ۾ ٻه ڪلاڪ کان وڌيڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿئي. هن سڄي ملڪ ۾ بجلي جي پهچ ۽ ٻين سمورن مسئلن بابت عوامي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ ڊسڪوز جي سطح تي صارفين جي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ ڪميٽيون قائم ڪرڻ جا حڪم ڏنا ۽ هدايت ڪئي ته ازالا ڪميٽي ۾ عوامي نمائندگي پڻ هجڻ گهرجي، هڪ هفتي جي اندر انهن ڪميٽين کي فعال ڪيو وڃي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.