اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري بيگم ڪلثوم نواز کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن آمريت جي ڪاري دور ۾ بهادري ۽ ثابت قدمي سان جمهوريت جي بحالي ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. بيگم ڪلثوم نواز جي ورسي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته بيگم ڪلثوم نواز جي جمهوري جدوجهد …
بيگم ڪلثوم نواز آمريت جي ڪاري دور ۾ ثابت قدمي سان جمهوريت جي بحالي ۽ آئين جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري بيگم ڪلثوم نواز کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن آمريت جي ڪاري دور ۾ بهادري ۽ ثابت قدمي سان جمهوريت جي بحالي ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. بيگم ڪلثوم نواز جي ورسي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته بيگم ڪلثوم نواز جي جمهوري جدوجهد اسان جي سياسي تاريخ جو نه وسارڻ جوڳو باب آهي، هن چيو ته مشڪل ترين حالتن ۾ به اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ هر مشڪل باوجود جمهوري جدوجهد جو ڏيئو روشن رکيو. سندس قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. وفاقي وزير چيو ته بيگم ڪلثوم نواز جي جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي لاءِ جدوجهد قدر جوڳي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه بيگم ڪلثوم نواز کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.












