اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينٽر آف ايڪسيلينس فار سي پيڪ جي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر چين جي مشهور ڪاروباري ادارن جي وفد جي ميزباني ڪئي جنهن ۾ سي پيڪ فيز ٽو تحت پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٽيڪنالاجي، بينادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس طرفان جاري تفصيلن موجب چيني ڪاروباري وفد …
سينٽر آف ايڪسيلينس فار سي پيڪ جي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر پاران چين جي ڪاروباري ادارن جي وفد جي ميزباني، سي پيڪ فيز ٽو تحت ٽيڪنالاجي، بينادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينٽر آف ايڪسيلينس فار سي پيڪ جي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر چين جي مشهور ڪاروباري ادارن جي وفد جي ميزباني ڪئي جنهن ۾ سي پيڪ فيز ٽو تحت پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٽيڪنالاجي، بينادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس طرفان جاري تفصيلن موجب چيني ڪاروباري وفد جي قيادت شنگهائي پومن ٽيڪنالاجي ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي جنرل مينيجر لوگو پنگ ڪئي. وفد پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس جو دورو ڪيو، وائيس چانسلر ڊاڪٽر نديم جاويد ۽ سينٽر آف ايڪسيلينس فار سي پيڪ جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد حسنات شاهه وفد جي آجيان ڪئي. ڳالهين دوران سي پيڪ جي ٻي مرحلي تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جي امڪاني شعبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين پاڪستان جي فني صلاحيت ۾ اضافي، جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد لاءِ گڏيل قدمن جي امڪانن جو جائزو ورتو. ڳالهين ۾ خاص ڪري سيف سٽي ۽ سمارٽ سٽي سلوشنز، ڊيٽا سينٽرز، ڊرون ٽيڪنالاجي ۽ انساني وسيلن جي ترقي کي گڏيل تعاون جي اهم شعبن طور غور هيٺ آندو ويو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي پاڪستان جي شهري مرڪزن کي وڌيڪ محفوظ، موثر ۽ جديد بڻائي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ سيف سٽي ۽ سمارٽ سٽي منصوبن ذريعي نگراني، ٽريفڪ مينيجمينٽ، عوامي سهولتن ۽ ٻين شهري خدمتن کي جديد ڊجيٽل نظام سان ڳنڍڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ڌرين ڊيٽا سيٽرز جي شعبن ۾ به تعاون جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان شعبي ۾ جديد ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي ترقي کي پاڪستان جي وڌندڙ ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل معيشت جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ اهم قرار ڏنو ويو. وفد ڊرون ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ به امڪاني تعاون جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جديد ڊرون ٽيڪنالاجي کي مختلف معاشي، انتظامي ۽ ترقياتي شعبن ۾ استعمال ۾ آڻڻ ۽ مقامي سطح تي فني صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ڳالهين ۾ انساني وسيلن جي ترقي کي به خصوصي اهميت ڏني وئي. ڌرين جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ پاڪستاني نوجوانن ۽ پيشيور ماڻهن جي مهارتن ۾ اضافي، تربيت ۽ صلاحيت وڌائڻ لاءِ امڪاني تعاون تي غور ڪيو ته جيئن پاڪستان جديد ٽيڪنالاجي جي عالمي مارڪيٽ ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي.












