بي ايم ايڇ 786 ڪو لائسنس رکندڙ يافته حج آرگنائزر ناهي، نه ئي ان اداري کي ڪا حج جي ڪوٽا الاٽ ڪئي وئي آهي: مذهبي معاملن واري وزارت

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وزارت ايندڙ سال پرائيويٽ حج اسڪيم تحت خواهشمند ماڻهن کي تنبيهه ڪئي آهي ته بي ايم ايڇ 786 ڪا لائسنس رکندڙ حج آرگنائزر ناهي ۽ نه ئي ان اداري کي ڪا حج ڪوٽا الاٽ ڪئي وئي آهي. جمعي ڏينهن مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگ واري وزارت پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو ته بي ايم ايڇ 786 لائسنس رکندڙ حج آرگنائزر …

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وزارت ايندڙ سال پرائيويٽ حج اسڪيم تحت خواهشمند ماڻهن کي تنبيهه ڪئي آهي ته بي ايم ايڇ 786 ڪا لائسنس رکندڙ حج آرگنائزر ناهي ۽ نه ئي ان اداري کي ڪا حج ڪوٽا الاٽ ڪئي وئي آهي. جمعي ڏينهن مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگ واري وزارت پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو ته بي ايم ايڇ 786 لائسنس رکندڙ حج آرگنائزر (منظم) ناهي ۽ نه ئي ان کي پرائيويٽ حج اسڪيم تحت ڪا حج ڪوٽا الاٽ ڪئي وئي آهي، وزارت حج جي خواهشمندن کي خبردار ڪيو ته هو حج انتظامن جي نالي تي ڄاڻايل اداري يا ڪنهن ٻي لائسنس نه رکندڙ فرد يا اداري کي رقم ادا نه ڪن. ادائيگي جي صورت ۾ پاڻ ذميوار هوندا.