ڪراچي-11 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قائداعظم محمد علي جناحؒ جي 78هين ورسي جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي صوبائي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا.سنڌ جي گورنر محمد نهال هاشمي جي مزار قائد آمد تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس آجيان ڪئي، جڏهن ته وڏي وزير …
قائداعظم بيماري باوجود پاڪستان جي قيام لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي قوم کي هڪ آزاد ملڪ ڏنو: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-11 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قائداعظم محمد علي جناحؒ جي 78هين ورسي جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي صوبائي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا.سنڌ جي گورنر محمد نهال هاشمي جي مزار قائد آمد تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس آجيان ڪئي، جڏهن ته وڏي وزير ۽ گورنر سنڌ کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وڏي وزير مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ داخل ڪيا.صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اڄ هو پنهنجي ڪابينا سان گڏ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناحؒ جي 78هين ورسي تي مزار قائد تي حاضري ڀري کين خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قائداعظم بيماري باوجود پاڪستان جي قيام لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي قوم کي هڪ آزاد ملڪ ڏنو.هن چيو ته قائداعظم جا اصول اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط اسان لاءِ مشعل راهه آهن، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ ۾ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، اسان کي اتحاد ۽ اتفاق جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ فيصلا صلاح مشوري سان ڪرڻ گهرجن.سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان ملڪ جي انهن محسن اڳواڻن کي به ياد ڪريون ٿا، جن پاڪستان جي دفاع ۽ سلامتي کي مضبوط بڻايو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي فراهم ڪري ملڪ جي دفاعي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو.هن چيو ته اڄ ڪو به دشمن پاڪستان تي حملو ڪرڻ کان اڳ ڏهه ڀيرا سوچيندو آهي، جڏهن ته اسان جون بهادر هٿياربند فوجون هر جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. هن چيو ته گذريل سال صدر مملکت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو.وڏي وزير دعا ڪئي ته علامه اقبال جيڪو خواب ڏٺو هو ۽ ان کي پاڪستان جي عوام 1947ع ۾ عملي جامو پارايو، الله تعاليٰ پاڪستان کي قيامت تائين قائم ۽ دائم رکي.صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته وفاق طرفان صوبن جا وسيلا پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ يا اين ايف سي بابت اهڙي ڪا ڳالهه سامهون ناهي آئي. بجيٽ کان اڳ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن وفاق سان ايم او يو تي صحيحون ڪيون هيون.هن چيو ته ايم او يو ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته ستون اين ايف سي ايوارڊ جاري رهندو.سنڌ جي ورهاڱي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته صوبن جون سرحدون آئيني ترميم ذريعي ئي تبديل ٿي سگهن ٿيون. قومي اسيمبلي ڪا به آئيني ترميم ان وقت تائين منظور نٿي ڪري سگهي، جيستائين لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان قرارداد منظور نه ڪري.هن چيو ته سنڌ اسيمبلي اڳ ئي سنڌ جي ورهاڱي خلاف قرارداد منظور ڪري چڪي آهي ۽ جيڪڏهن خدا نه خواسته قومي اسيمبلي مان اهڙي ڪا قرارداد منظور ٿئي ٿي ته سنڌ ان کي اڳ ئي رد ڪري چڪي آهي.












