قائداعظم مضبوط پارلياماني جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جو حامي هو: سيد اويس قادر شاهه

ڪراچي-11 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناحؒ جي 78هين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته قائداعظم جي قيادت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن آئيني ۽ جمهوري جدوجهد ذريعي آزاد وطن حاصل ڪيو.پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته قائداعظم مضبوط پارلياماني جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جو حامي هو. هن چيو …

ڪراچي-11 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناحؒ جي 78هين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته قائداعظم جي قيادت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن آئيني ۽ جمهوري جدوجهد ذريعي آزاد وطن حاصل ڪيو.پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته قائداعظم مضبوط پارلياماني جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جو حامي هو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناحؒ اقليتن کي مذهبي آزادي ۽ برابر ي جي حقن جي خاطري ڪرائي هئي.سيد اويس قادر شاهه چيو ته پاڪستان ۾ هر شهري کي پنهنجي مذهب تي آزاديءَ سان عمل ڪرڻ ۽ عبادت ڪرڻ جو حق حاصل آهي، جيڪو قائداعظم محمد علي جناحؒ جو وژن هو.هن چيو ته قائداعظم جو اتحاد، ايمان، نظم ۽ ضبط ۽ جمهوري قدرن جو پيغام اڄ به قومي رهنمائي جو ذريعو آهي.اسپيڪر چيو ته قائداعظم جي فڪر ۽ اصولن تي عمل ڪندي پارلياماني ادارن کي وڌيڪ مضبوط ۽ پاڪستان کي مستحڪم بڻائڻو پوندو.