قاعداعظم هڪ ورهايل قوم کي نظريو، شعور ۽ آزاد رياست ڏني: وفاقي گهرو وزير

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي باباءِ قوم قاعد اعظم محمد علي جناح کي سندس عظيم جدوجهد تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو  آهي ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي غلامي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد ۽ باوقار رياست قائم ڪئي. سندس بي مثال قيادت قومي تاريخ جو روشن ترين باب آهي. پنهنجي پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته قائد اعظم جي شخصيت ۾ ڪردار جي بلندي، …

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي باباءِ قوم قاعد اعظم محمد علي جناح کي سندس عظيم جدوجهد تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو  آهي ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي غلامي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد ۽ باوقار رياست قائم ڪئي. سندس بي مثال قيادت قومي تاريخ جو روشن ترين باب آهي. پنهنجي پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته قائد اعظم جي شخصيت ۾ ڪردار جي بلندي، سچائي ۽ عمل جي هڪجهڙائي نمايان هئي. هن شديد بيماري باوجود عزم ۽ همت سان قوم کي آزادي جي منزل تائين پهچايو. وفاقي وزير ياد ڏياريو ته قاعد اعظم اقليتن جي برابر حقن  جو علمبردار هو ۽ حڪومت کي عوام جي امانت سمجهندو هو. هن چيو ته ايمان، اتحاد ۽ تنظيم پاڪستان جو اصل روح آهن، جن تي عمل ئي ملڪي ترقي جو واحد رستو آهي.