قاعداعظم جا رهنما اصول پاڪستان جي بقاءَ ۽ خودمختياري جا ضامن آهن: وفاقي وزير عبدالعليم خان

اسلام آباد- 11 سيپٽمبر (اي پي پي)وفاقي وزير ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر  عبدالعليم خان، قاعد اعظم محمد علي جناح کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي باني جي قيادت، عزم ۽ اصول ئي هن ملڪ جو مضبوط  بنياد آهن. قاعداعظم اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط ذريعي ورهايل قوم کي هڪ نئون رستو ۽ سڃاڻپ ڏني. پنهنجي پيغام ۾ عبدالعليم خان زور ڀريو ته …

اسلام آباد- 11 سيپٽمبر (اي پي پي)وفاقي وزير ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر  عبدالعليم خان، قاعد اعظم محمد علي جناح کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي باني جي قيادت، عزم ۽ اصول ئي هن ملڪ جو مضبوط  بنياد آهن. قاعداعظم اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط ذريعي ورهايل قوم کي هڪ نئون رستو ۽ سڃاڻپ ڏني. پنهنجي پيغام ۾ عبدالعليم خان زور ڀريو ته قاعداعظم جي ديانتداري، امانتداري ۽ اصول پسندي قوم لاءِ هميشه مشعل راهه رهندي. قائد اعظم جي فڪر فرمانن تي عمل پيرا ٿي پاڪستان کي اندروني طور تي مضبوط، خوشحال ۽ خودمختيار رياست بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پوري قوم کي ملڪي ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏيل اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.