قاعد اعظم جي بصيرت، سياسي تدبر، اصول پسندي ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزاد وطن پاڪستان نصيب ٿيو: وفاقي وزير طارق فضل چوڌري

اسلام آباد- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاڪستان جي باني قاعداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قاعداعظم جي بصيرت، سياسي تدبر، اصول پسندي ۽ عظيم جدوجهد جي نتيجي ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزاد ملڪ پاڪستان نصيب ٿيو. باباءِ قوم قاعداعظم محمد علي جناح جي 78 هين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو …

اسلام آباد- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاڪستان جي باني قاعداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قاعداعظم جي بصيرت، سياسي تدبر، اصول پسندي ۽ عظيم جدوجهد جي نتيجي ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزاد ملڪ پاڪستان نصيب ٿيو. باباءِ قوم قاعداعظم محمد علي جناح جي 78 هين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قاعداعظم محمد علي جناح جي عظيم جدوجهد ۽ لازوال قيادت پوري قوم لاءِ مشعل راهه آهي . قاعداعظم جا ايمان، اتحاد ۽ نظم وضبط جا ڏنل سنهري اصول اڄ به پاڪستان جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جو بنياد آهن. قاعداعظم جو خواب هڪ اهڙي پاڪستان جو هو جتي سمورن شهرين کي بنا ڪنهن  فرق جي حق حاصل هجن، عوام جي فلاح ۽ ڀلائي کي اولين ترجيح ڏيڻ قاعد اعظم جي پاڪستان جي تصور جو بنيادي جز هو. هن چيو ته اڄ اسان کي قاعداعظم جي فڪر ۽ نظريي تي عمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائڻو پوندو. قومي يڪجهتي، معاشي استحڪام، تعليم  ۽ ترقي لاءِ هر پاڪستاني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قاعداعظم جي اصولن تي عمل ڪندي پاڪستان کي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جي رستي تي وڌيڪ اڳيان وڌايو ويندو. الله تعالى قاعداعظم محمد علي جناح جا درجات بلند فرمائي ۽ اسان کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.