اسلام آباد- 11 سيپٽمبر(اي پي پي) نيشنل اي او سي چيو آهي ته سڄي ملڪ جي 115 مخصوص ضلعن ۾ 21 کان 27 سيپٽمبر تائين ذيلي قومي پوليو روڪٿام مهم منعقد ڪئي ويندي جنهن دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي اٽڪل 3 ڪروڙ 10 لک ٻارن کي تربيت يافته پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريندا. نيشنل اي او سي مطابق پنجاب صوبي جي 13 …
ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 21 کان 27 سيپٽمبر تائين قومي پوليو مهم منعقد ڪئي ويندي: نيشنل اي او سي
اسلام آباد- 11 سيپٽمبر(اي پي پي) نيشنل اي او سي چيو آهي ته سڄي ملڪ جي 115 مخصوص ضلعن ۾ 21 کان 27 سيپٽمبر تائين ذيلي قومي پوليو روڪٿام مهم منعقد ڪئي ويندي جنهن دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي اٽڪل 3 ڪروڙ 10 لک ٻارن کي تربيت يافته پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريندا. نيشنل اي او سي مطابق پنجاب صوبي جي 13 مخصوص ضلعن ۾ هڪ ڪروڙ 6 لک ٻارن، سنڌ جي 30 ضلعن ۾ هڪ ڪروڙ ٻارن، خيبرپختونخواهه جي 37 ضلعن ۾ 73 لک ٻارن جڏهن ته بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ 23 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. اهڙي طرح اسلام آباد ۾ 4 لک 47 هزار جڏهن ته گلگت بلتستان جي 2 مخصوص ضلعن ۾ هڪ لک 37 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. نيشنل اي او سي جو چوڻ آهي ته ٻارن کي پوليو کان محفوظ مستقبل فراهم ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل قومي ذميواري آهي، مرض جي مڪمل خاتمي لاءِ والدين پوليو ٽيمن سان ڀرپور سهڪار کي يقيني بڻائين.












