ٽنڊو مير غلام حسين جو سرڪاري گرلز هاءِ اسڪول عالمي سطح تي ٽاپ 10 فائنلسٽن ۾ شامل

حيدرآباد- 11 سيپٽمبر (اي پي پي)گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ٽنڊو مير غلام حسين ”ورلڊز بيسٽ اسڪول پرائيز 2026ع“ جي ڪميونٽي ڪولابريشن ڪيٽيگري ۾ عالمي سطح تي ٽاپ 10 فائنلسٽن ۾ شامل ٿي سنڌ لاءِ اهم اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. هن ڪاميابي کي سنڌ حڪومت پاران تعليم جي بهتري، سرڪاري تعليمي ادارن ۾ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ شاگردن کي بهتر تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جي …

حيدرآباد- 11 سيپٽمبر (اي پي پي)گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ٽنڊو مير غلام حسين ”ورلڊز بيسٽ اسڪول پرائيز 2026ع“ جي ڪميونٽي ڪولابريشن ڪيٽيگري ۾ عالمي سطح تي ٽاپ 10 فائنلسٽن ۾ شامل ٿي سنڌ لاءِ اهم اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. هن ڪاميابي کي سنڌ حڪومت پاران تعليم جي بهتري، سرڪاري تعليمي ادارن ۾ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ شاگردن کي بهتر تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جي عڪاسي قرار ڏنو پيو وڃي. جاري ڪيل پريس رليز موجب اسڪول ۾ جديد ۽ تخليقي تعليمي سرگرمين، ڪميونٽي جي شموليت ۽ شاگردياڻين جي همہ گير تربيت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ اداري عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪئي آهي. تعليم واري صوبائي وزير ۽ تعليم کاتي سنڌ جي رهنمائي ۽ ڪوششن سان گڏ اسڪول انتظاميا، استادن، شاگردياڻين ۽ مقامي ڪميونٽي جي گڏيل محنت هن شاندار ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعات کاتي حيدرآباد جي ڊويزنل ڊائريڪٽوريٽ  پاران ان ڪاميابي تي اسڪول انتظاميا، استادن، شاگردياڻين ۽ والدين کي مبارڪون ڏنيون ويون آهن. هيءَ ڪاميابي حيدرآباد ڊويزن ۽ سنڌ جي عوام لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي.