سي ٽي ڊي پشاور پاران ڪارروائي، 5 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) پشاور ريجن شمشتو ڪيمپ ويجهي ارمڙ ٿاڻي جي علائقي جي هڪ ڪمپائونڊ ۾ اهم ۽ ڪامياب ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا. سي ٽي ڊي خيبرپختونخواهه مطابق ايس پي سي ٽي ڊي پشاور ريجن کي تصديق ٿيل اطلاع مليو ته ڪالعدم تنظيم آءِ ايس ڪي پي جا دهشتگرد شمشتو ڪيمپ ويجهو ڪابل انگلش لينگويج سينٽر ارمڙ ٿاڻي …

پشاور- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) پشاور ريجن شمشتو ڪيمپ ويجهي ارمڙ ٿاڻي جي علائقي جي هڪ ڪمپائونڊ ۾ اهم ۽ ڪامياب ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا. سي ٽي ڊي خيبرپختونخواهه مطابق ايس پي سي ٽي ڊي پشاور ريجن کي تصديق ٿيل اطلاع مليو ته ڪالعدم تنظيم آءِ ايس ڪي پي جا دهشتگرد شمشتو ڪيمپ ويجهو ڪابل انگلش لينگويج سينٽر ارمڙ ٿاڻي واري علائقي ۾ هڪ ڪمپائونڊ ۾ موجود آهن جتي هو حساس ادارن، امام بارگاهن ۽ گرجاگهرن تي بم ڌماڪن سميت ٻين وڏين دهشتگرد ڪارروائين جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهن. اطلاع جي تصديق بعد سي ٽي ڊي جون ٽيمون ڄاڻايل ڪمپائونڊ پهتيون ته جوانن انتهائي محتاط ۽ حڪمت عملي سان ڪمپائونڊ کي چئني پاسن کان گهيري ۾ آندو، ڪمپائونڊ اندر داخل ٿيندي ئي دهشتگردن جوانن تي انڌا ڌند فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. سي ٽي ڊي جوانن پنهنجي حفاظت لاءِ حڪمت عملي تحت جوابي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا. آپريشن دوران دهشتگردن جي چرپر تي نظر رکڻ ۽ ڪارروائي کي موثر بڻائڻ لاءِ ڊرون جو به استعمال ڪيو ويو. دهشتگردن جي قبضي مان هڪ ايس ايم جي، چار پسٽل، ٻه هينڊ گرنيڊ، هڪ آٽو ميٽڪ آءِ اي ڊي ۽ ڪيترائي ڪارتوس هٿ ڪيا ويا. واقعي جي حوالي سان وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي جڏهن ته علائقي ۾ سرچ اينڊ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.