قائداعظم جي قول ۽ اصولن جي رهنمائي ۾ پاڪستان سمورن چئلينجز جو اتحاد، عزم ۽ قوت سان مقابلو ڪري سگهي ٿو: صدر آصف علي زرداري جو قائداعظم جي 78هين ورسيءَ تي پيغام

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قائداعظم محمد علي جناح کي شاندار انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي زندگي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي آئيني، قانوني، مذهبي، ثقافتي ۽ خاص طور تي انساني حقن جي لاءِ وقف ڪئي ۽ آخرڪار مسلمانن کي پاڪستان جي قيام جي منزل تائين پهچايو، قائداعظم جي قول ۽ اصولن جي رهنمائي …

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قائداعظم محمد علي جناح کي شاندار انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي زندگي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي آئيني، قانوني، مذهبي، ثقافتي ۽ خاص طور تي انساني حقن جي لاءِ وقف ڪئي ۽ آخرڪار مسلمانن کي پاڪستان جي قيام جي منزل تائين پهچايو، قائداعظم جي قول ۽ اصولن جي رهنمائي ۾ پاڪستان سمورن چئلينجز جو اتحاد، عزم ۽ قوت سان مقابلو ڪري سگهي ٿو. قائداعظم محمد علي جناح جي 78هين ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان جو تصور هڪ اهڙي ملڪ جي طور تي پيش ڪيو ويو جتي مسلم اڪثريتي علائقن جا مسلمان هندو اڪثريتي رياست جي خوف کانسواءِ پنهنجي زندگي گذاري سگهن ۽ غيرمسلم اقليتن سان هم آهنگي ۽ امن سان رهن ته جيئن سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجي عقيدن ۽ ايمان موجب زندگي گذاري سگهن، قائداعظم جي قول ۽ اعمال مان ان تصور جي ڀرپور عڪاسي ٿئي ٿي جنهن جو شاندار اظهار هن پاڪستان قائم ٿيڻ جي رڳو ٽي ڏينهن 11 آگسٽ جي تقرير ۾ به ڪيو. صدر چيو ته سيڪيورٽي، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ معاشي چئلينجز کان وٺي موسمياتي هنگامي صورتحال تائين قائداعظم جي زندگي اسان جي لاءِ سمورين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رهنما جو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته قائداعظم اسان کي سيکاريو ته پائيدار طاقت انهن ادارن سان حاصل ٿئي ٿي جن تي عوام جو اعتماد هجي، آئيني تسلسل قائم هجي ۽ قانون جي نظر ۾ سڀ برابر هجن، اسان جي وچ ۾ اختلاف ۽ ورڇ ڀلي ڪيتري ئي ڇو نه هجي، انهن کي آئيني ادارن، جمهوري عمل، ڳالهه ٻولهه ۽ قانون جي حڪمراني جي ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته اڄ اسان کي درپيش چئلينجز سنجيدگي، محنت ۽ ذميواراڻي طرز زندگي جا گهرجائو آهن، نئين ٽيڪنالاجيز خاص طور تي مصنوعي ذهانت مان فائدو کڻندي معيشت ۾ سڌارن، نئين سر جوڙجڪ ۽ ان کي مضبوط بڻائڻو پوندو، نوجوانن جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، عوامي خدمتون بهتر بڻائڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته ترقي جا ثمر سڄي ملڪ جي عوام تائين پهچن، ان سان گڏوگڏ پاڪستان کي ٻاهرئين جارحيت، دهشتگردي، عسڪريت پسند نظرين ۽ پُرتشدد انتهاپسندي کان محفوظ رکڻ جي لاءِ پڻ ڪم جاري رکڻو پوندو. صدر چيو ته اسان کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پڻ مسلسل ڪوششون جاري رکڻيون آهن، قائداعظم جي رهنمائي ۾ پاڪستان خطي ۽ سڄي دنيا ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. صدر آصف علي زرداري عوام خاص طور تي نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي قائداعظم جي مثال مان قوت حاصل ڪن ۽ مشڪلاتن کي مايوسي ۽ نااميدي بدران حوصلي ۽ اعتماد سان منهن ڏين، اسان کي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي عزم تي قائم رهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان کي درپيش چئلينجز ڀلي ڪيترائي وڏا ڇو نه هجن، اسان پنهنجي اتحاد، پختي عزم ۽ قوت جي ذريعي انهن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. صدر چيو ته پاڪستان جي رنگارنگ ثقافتون رکندڙ 25 ڪروڙ عوام سمورن رنگن ۽ خوشبوئن جي هڪ وڏي خوبصورت گلدستي وانگر آهن. صدر آصف علي زرداري دعا ڪئي ته الله تعالى قائداعظم محمد علي جناح جي روح کي بلند درجا عطا فرمائي ۽ اسان کي اها دانش ۽ عزم عطا ڪري جنهن سان پاڪستان جو قيام عمل ۾ آندو ويو هو. هن پنهنجي پيغام جي پڄاڻي “پاڪستان زندهه آباد” جي نعري سان ڪئي.