پاڪستان کي ترقي يافته ۽ فلاحي رياست ٺاهڻ باباءِ قائداعظم جي سياسي ميراث جو اولين مقصد آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو قائداعظم جي 78هين ورسيءَ جي موقعي تي پيغام

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي ترقي يافته ۽ فلاحي رياست ٺاهڻ باباءِ قائداعظم جي سياسي ميراث جو اولين مقصد آهي، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڀلائي پوري قوم جي گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. بانيءَ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح رحه جي 78هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته …

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي ترقي يافته ۽ فلاحي رياست ٺاهڻ باباءِ قائداعظم جي سياسي ميراث جو اولين مقصد آهي، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڀلائي پوري قوم جي گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. بانيءَ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح رحه جي 78هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 78هين ورسيءَ تي پوري قوم پنهنجي عظيم اڳواڻ جي بصيرت افروز قيادت، باشعور سياسي حڪمت عملي ۽ بي لوث قومي رهنمائي تي دلي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته قائداعظم محمد علي جناح دنيا جو اهو ناليوارو اڳواڻ آهي جنهن تاريخ جي ڌارا تبديل ڪري انتهائي اڻوڻندڙ حالتن ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ آزاد ملڪ جي راهه هموار ڪئي، قائداعظم ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي مذهبي، تهذيبي ۽ نظرياتي سڃاڻپ جي تحفظ جي لاءِ متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ جو عزم ۽ حوصلو ڏنو. وزيراعظم چيو ته قائداعظم جي سياسي بصيرت، دورانديشي ۽ بهترين قيادت جي ڪري آزادي جي تحريڪ ڪاميابي سان اڳتي وڌي ۽ مسلمانن جي نظرياتي آزادي، سياسي ۽ مذهبي حقن ۽ معاشي ۽ معاشرتي ترقي جي ضامن، هڪ آزاد ملڪ جو خواب، پاڪستان جي صورت ۾ تڪميل تي پهتو. وزيراعظم چيو ته قائداعظم نئين وجود ۾ آيل ملڪ کي درپيش ڏکئي انتظامي، مالياتي مسئلن ۽ لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ حڪومتي نظام کي هلائڻ سميت سمورن چئلينجز کي مدبراڻي ۽ پُراعتماد انداز ۾ سنڀاليو. وزيراعظم چيو ته قائداعظم واضح ڪيو ته رياست پاڪستان جو بنياد اسلامي اصولن تي قائم آهي جيڪو بنا ڪنهن نسل ۽ رنگ جي فرق کانسواءِ شهري ۽ مذهبي آزادي ۽ هڪ جهڙي بنيادي حقن ۽ فرضن تي ٻڌل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ترقي يافته ۽ فلاحي رياست ٺاهڻ قائداعظم جي سياسي ميراث جو اولين مقصد آهي. پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڀلائي پوري قوم جي گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏينهن ان ڳالهه جي گهرج ڪري ٿو ته اسان بحيثيت قوم قائداعظم جي رهنما اصولن تي قائم رهڻ جو وچن ورجايون. قائد جا اصول ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان مضبوط وابستگي، ايندڙ نسل جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ رهنما ۽ روشن قومي مستقبل جي لاءِ مشعل راهه آهن. وزيراعظم چيو ته  قائداعظم جي ميراث کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو ئي آهي ته اسان قومي يڪجهتي، معاشرتي هم آهنگي ۽ معاشي استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون ته جيئن ايندڙ نسل کي اهڙو ملڪ ورثي ۾ ملي جيڪو عظيم قائد جي فڪر ۽ نظرين جو حقيقي آئينه دار هجي. هن چيو ته اڄ سموري قوم باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دعاڳو آهي، الله تعالى کيس جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي.