سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر پاران قائداعظم محمد علي جناح کي 78 هين ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد -  11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر  پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 78 هين ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قائداعظم ننڍي کنڊ ​​جي مسلمانن لاءِ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي هڪ عظيم علامت هو. ان جي غير معمولي قيادت، اصول پسندي ۽ ثابت قدم سياسي جدوجهد قيام …

اسلام آباد –  11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر  پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 78 هين ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قائداعظم ننڍي کنڊ ​​جي مسلمانن لاءِ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي هڪ عظيم علامت هو. ان جي غير معمولي قيادت، اصول پسندي ۽ ثابت قدم سياسي جدوجهد قيام پاڪستان جي منزل کي ممڪن بڻايو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قائداعظم پنهنجي عملي زندگي ذريعي ديانت، قانون جي پاسداري، انصاف ۽ جمهوري قدرن جي اهميت اجاگر ڪئي. سندس تصور پاڪستان سڀئي شهري برابر هئا ۽ هر فرد کي بنا ڪنهن فرق جي بنيادي حق، عزت ۽ ترقي جا هڪجهڙا موقعا حاصل هجڻ گهرجن. سيدال خان ناصر چيو ته قائداعظم جو فڪر اڄ به پاڪستان جي ترقي ۽ قومي يڪجهتي لاءِ مشعل راهه آهي. موجوده قومي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي اتحاد، نظم و ضبط،گڏيل اتفاق ۽ قومي ذميواري جي ان  جذبي کي اختيار ڪرڻو پوندو جنهن جي قائداعظم هميشه تلقين  ڪئي. هن چيو ته هڪ مضبوط ۽ ترقي يافته پاڪستان لاءِ آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، جمهوري ادارن جو استحڪام ۽ قومي اتحاد کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. پارليامينٽ ۽ سڀني جمهوري قوتن کي عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڊپٽي چيئرمين ان عزم جو اظهار ڪيو ته قائداعظم جي اصولن ۽ ويزن جي روشني ۾ هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ لاءِ اجتماعي ڪوششون جاري رکيون وينديون جتي جمهوري قدر مستحڪم، شهرين کي برابري جا موقعا ميسر ۽ ترقي جا ثمر هر طبقي تائين پهچن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ قائداعظم محمد علي جناح جا درجا بلند ڪري ۽ قوم کي اتحاد، خلوص ۽ قومي ذميواري سان پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.