اسلام آباد - 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار واپاري سهولتڪاري کي مضبوط بڻائڻ، پاڪستاني مصنوعات جي معيار ۽ چٽاڀيٽي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ، عالمي منڊين تائين پهچ وڌائڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت ۽ يورپي يونين ۾ جي ايس پي پلس جي موقعن مان وڌيڪ ڀرپور فائدو کڻڻ تي زور ڏنو آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستان جي واپاري ۽ برآمدي فروغ جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ بين الوزارتي اجلاس
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار واپاري سهولتڪاري کي مضبوط بڻائڻ، پاڪستاني مصنوعات جي معيار ۽ چٽاڀيٽي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ، عالمي منڊين تائين پهچ وڌائڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت ۽ يورپي يونين ۾ جي ايس پي پلس جي موقعن مان وڌيڪ ڀرپور فائدو کڻڻ تي زور ڏنو آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي واپاري ۽ برآمدي فروغ جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير واپاري سهولتڪاري کي مضبوط بڻائڻ، پاڪستاني مصنوعات جي معيار ۽ چٽاڀيٽي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ، عالمي منڊين تائين پهچ وڌائڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن يورپي يونين ۾ جي ايس پي پلس جي موقعن مان وڌيڪ ڀرپور فائدو کڻڻ تي پڻ زور ڏنو. هن روانگي واپار جي فروغ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي ٺوس ۽ سمورن حڪومتي ادارن تي ٻڌل حڪمت عملي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن تحت عالمي حصيدارن سان مسلسل رابطن کي فروغ ڏنو ويندو. وفاقي وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي وئي ته روانگي واپار جي فروغ ۽ پاڪستان جي واپاري صلاحيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ اهم قدمن تي اڳڀرائي جو سلسلو برقرار رکيو وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي معاملن، واپار، انساني حقن ۽ قانون ۽ انصاف وارن وفاقي سيڪريٽرين سميت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.












