سنڌ حڪومت کي پڪو ويساهه آهي ته تعليم سماجي تبديلي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سڀ کان وڏو اتساهيندڙ سبب آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-10 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن سنڌ جي انهن پنجن شاندار شاگردن جي واکاڻ ڪئي جن ڀٽو اسٽيم اسڪالرشپ پروگرام تحت آڪسفورڊ يونيورسٽي مان مڪمل مالي سهڪار واريون پوسٽ گريجوئيٽ اسڪالرشپس حاصل ڪيون آهن. هن کين مستقبل جا اڳواڻ، محقق ۽ نت نواڻ آڻيندڙ سڏيو جيڪي صوبي ۽ ملڪ جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ مدد ڪندا. وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ مبارڪباد واري …

ڪراچي-10 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن سنڌ جي انهن پنجن شاندار شاگردن جي واکاڻ ڪئي جن ڀٽو اسٽيم اسڪالرشپ پروگرام تحت آڪسفورڊ يونيورسٽي مان مڪمل مالي سهڪار واريون پوسٽ گريجوئيٽ اسڪالرشپس حاصل ڪيون آهن. هن کين مستقبل جا اڳواڻ، محقق ۽ نت نواڻ آڻيندڙ سڏيو جيڪي صوبي ۽ ملڪ جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ مدد ڪندا. وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ مبارڪباد واري تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت کي پڪو ويساهه آهي ته تعليم سماجي تبديلي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سڀ کان وڏو اتساهيندڙ سبب آهي. هن چيو اسان جي نوجوانن جي تعليم تي ڪيل هر سيڙپڪاري سنڌ جي مستقبل تي سيڙپڪاري آهي. اهي اسڪالر اسان جي نئين نسل جي امنگن، صلاحيتن جي عڪاسي ڪن ٿا. تعليمي سال 2026-27 لاءِ چونڊيل پنج اسڪالر فائزه رحمان (ايم ايس سي اڪنامڪس فار ڊيولپمينٽ)، امرتا چانڊيو (ايم ايس سي ڪلينيڪل ايمبريالوجي)، نير مصور علي (ايم ايس سي اڪنامڪس فار ڊيولپمينٽ)، فرجاد شاهد حسن (ڊي فل زيرو ڪاربن انرجي ريسرچ) ۽ جنيد احمد ميمڻ (ڊي فل انجنيئرنگ سائنس) آهن. شاگردن کي مبارڪباد ڏيندي مراد شاهه چيو ته دنيا جي پهرين صف جي علم ۽ تحقيق جي مرڪزن مان هڪ، آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ سندن داخلا، ميرٽ، مستقل مزاجي ۽ تعليمي فضيلت ذريعي حاصل ڪيل هڪ شاندار اڳڀرائي آهي. هن چيو توهان سنڌ ۽ پاڪستان جا سفير آهيو. توهان جي ڪاميابي سڄي صوبي جي نوجوانن کي اهو هڪ پختو پيغام ڏئي ٿي ته جڏهن صلاحيت کي محنت ۽ موقعو ملي وڃي ته ڪو به خواب پهچ کان ٻاهر ناهي. وڏي وزير چيو ته ڀٽو اسٽيم اسڪالرشپ پروگرام، جيڪو پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو هڪ مکيه ۽ وڏو خواب هو سنڌ حڪومت ۽ آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام جي ڀاڱيواري ذريعي شروع ڪيو ويو ته جيئن ذهين شاگردن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم تائين رسائي ڏني وڃي. هن چيو ته هي قدم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ان سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو جن تعليم کي اختيار، موقعن ۽ سماجي انصاف جي هڪ وسيلي طور اڳيان آندو هو. هن چيو هن قدم ذريعي اسان رڳو ڊگرين لاءِ پئسا نه پيا ڏيون؛ پر اسان مستقبل جا اهڙا اقتصاديات جا ماهر، سائنسدان، انجنيئر، محقق ۽ پاليسيون جوڙيندڙ تيار ڪري رهيا آهيون جيڪي اسان جي دور جي چئلينجن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندا ۽ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائيندا. مراد شاهه سنڌ حڪومت پاران معياري تعليم تائين رسائي کي وڌائڻ ۽ نوجوانن کي سائنس، ٽيڪنالاجي, انجنيئرنگ ۽ رياضي ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ واري وچن کي ورجايو. هن هڪ شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل چونڊ عمل کي يقيني بڻائڻ تي آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ساراهه پڻ ڪئي. اسڪالرن کي هن موقعي مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي هدايت ڪندي، هن چيو ته سندن اها ڪاميابي رڳو سندن ۽ سندن خاندانن جي ناهي پر سڄي صوبي جي آهي. هن وڌيڪ چيو، ”اسان توهان کي پنهنجي پنهنجي شعبن جا اڳواڻ بڻجندي ۽ هڪ مضبوط، وڌيڪ خوشحال ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلندڙ سماج جي اڏاوت ۾ حصو وجهندي ڏسڻ جا خواهشمند آهيون. تقريب کي خطاب ڪندي، تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه انهن اسڪالرشپس کي سنڌ جي نوجوانن ۾ هڪ تاريخي سيڙپڪاري ۽ علم تي ٻڌل مستقبل جي اڏاوت ڏانهن هڪ وڏو قدم قرار ڏنو. هن نشاندهي ڪئي ته آڪسفورڊ يونيورسٽي ڀٽو خاندان جي تاريخ ۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿي، جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو زرداري سڀني اتي تعليم حاصل ڪئي هئي. وزير چيو ته سنڌ حڪومت ماسٽرز، ايم فل ۽ ڊي فل جي پڙهائي ڪندڙ شاگردن جي مالي مدد لاءِ ساليانو 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن جنهن ۾ اسٽيم جي شعبن لاءِ خاص موقعا شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ  ذريعي، هينئر تائين 42,719 لائق ۽ حقدار شاگردن کي پاڪستان جي 92 يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 6.916 ارب رپين جي مدد فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو صلاحيت سڄي دنيا ۾ ورهايل آهي پر موقعا ائين ناهن هوندا. ڀٽو اسٽيم اسڪالرشپ جو مقصد ان وٿي فرق کي ختم ڪرڻ آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته سنڌ جا ذهين شاگرد دنيا جي بهترين تعليمي ادارن تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ۽ سماج جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڊاڪٽر جمال پيرزاده سنڌ حڪومت جي ان ڳالهه تان ساراهه ڪئي ته هن اسڪالرشپ جي ان قدم کي هڪ ڪامياب پروگرام ۾ تبديل ڪيو آهي. هن چيو ته آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام ڇهه سال اڳ شروع ڪيو ويو هو پر شروع ۾ کيس فنڊن جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پيو. هن چيو سنڌ حڪومت صوبي جي ڪجهه ذهين ترين شاگردن جي مدد ڪري هن قدم کي ڪامياب بڻائڻ ۾ هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊاڪٽر پيرزاده چيو ته اهي اسڪالرشپس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي تعليمي ورثي کي اڳتي وڌائين ٿيون ۽ ذهين نوجوانن کي دنيا جي قديم ترين ۽ سڀ کان وڌيڪ مڃيل يونيورسٽين مان هڪ تائين رسائي فراهم ڪن ٿيون. هن چيو جڏهن اهي شاگرد آڪسفورڊ پهچندا، تڏهن اهي تعليمي فضيلت ۽ اڳواڻي جي هڪ شاهوڪار روايت جو حصو بڻجي ويندا. اهي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورثي مان پڻ اتساهه وٺندا، جنهن اتي پڙهيو ۽ شاگردن جي اڳواڻي ڪئي هئي.