سنڌ حڪومت پاران ڪراچي لاءِ 500 اليڪٽرڪ وهيڪل بسون خريد ڪرڻ لاءِ سنڌ ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي-10 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت لاجسٽڪ پارڪ قائم ڪرڻ ۽ 500 اليڪٽرڪ وهيڪل (اي وي) بسون خريد ڪرڻ جي منصوبن لاءِ سنڌ ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾، سنڌ جي سينئر ،اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي (ايس ايم ٽي اي) بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ ماس ٽرانزٽ …

ڪراچي-10 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت لاجسٽڪ پارڪ قائم ڪرڻ ۽ 500 اليڪٽرڪ وهيڪل (اي وي) بسون خريد ڪرڻ جي منصوبن لاءِ سنڌ ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾، سنڌ جي سينئر ،اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي (ايس ايم ٽي اي) بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ ماس ٽرانزٽ سسٽم کي وڌائڻ، جديد ۽ ماحول دوست پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ھٿي ڏيڻ، لاجسٽڪ پارڪ قائم ڪرڻ، 500 اي وي بسن جي خريداري ۽ ٽرانسپورٽ شعبي سان لاڳاپيل مختلف اهم معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي.اجلاس ۾ ايس ايم ٽي اي بورڊ جي ميمبرن، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي بهزاد ميمڻ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ شعبي سان لاڳاپيل مختلف انتظامي، ٽيڪنيڪل ۽ عملي معاملن، ماس ٽرانزٽ منصوبن جي پيش رفت، ٽرئفڪ مئنيجمينٽ ۽ شهرين کي جديد سفري سهولتن جي فراهمي تي پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ لاجسٽڪ پارڪ جي قيام ۽ 500 اي وي بسن جي خريداري لاءِ ضروري ٽيڪنيڪل ۽ انتظامي طريقا مڪمل ڪرڻ ۽ سنڌ ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پاران لاجسٽڪ پارڪ جو قيام ڪراچي جي شهرين لاءِ هڪ انقلابي قدم هوندو. لاجسٽڪ پارڪ جي تعمير سان شهر ۾ ھيوي ٽرئفڪ جو دٻاءُ وڏي حد تائين گهٽائڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته هي منصوبو صوبي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪ شعبي کي جديد رخن تي ترقي ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته منصوبن بابت ضروري ٽيڪنيڪل ۽ انتظامي طريقا جلد مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ انهن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ بروقت قدم کڻي سگهجن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم جي وڌيڪ توسيع سنڌ حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آهي. هن چيو ته وڌيڪ اي وي بسن جي آمد سان ڪراچي جي شهرين کي بهتر، جديد ۽ ماحول دوست سفري سهولتون ملنديون.