پاڪ آرمي سليڪشن اينڊ ريڪورٽمينٽ سينٽر پنوعاقل پاران پڌرائي

سکر -10 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪ آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمينٽ سينٽر پنوعاقل پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان آرمي ۾ ريگيولر ڪميشنڊ آفيسر طور شموليت لاءِ 159 PMA لانگ ڪورس جي آن لائن رجسٽريشن 14 سيپٽمبر کان 23 آڪٽوبر 2026ع تائين جاري رهندي. پڌرائي موجب پاڪستان آرمي ۾ شموليت جا خواهشمند اميدوار مقرر مدت دوران آن لائن رجسٽريشن پاڪستان آرمي جي سرڪاري ويب سائيٽ www.joinpakarmy.gov.pk ذريعي ڪرائي سگهن ٿا. اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي …

سکر -10 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪ آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمينٽ سينٽر پنوعاقل پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان آرمي ۾ ريگيولر ڪميشنڊ آفيسر طور شموليت لاءِ 159 PMA لانگ ڪورس جي آن لائن رجسٽريشن 14 سيپٽمبر کان 23 آڪٽوبر 2026ع تائين جاري رهندي. پڌرائي موجب پاڪستان آرمي ۾ شموليت جا خواهشمند اميدوار مقرر مدت دوران آن لائن رجسٽريشن پاڪستان آرمي جي سرڪاري ويب سائيٽ www.joinpakarmy.gov.pk ذريعي ڪرائي سگهن ٿا. اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو رجسٽريشن جي مقرر مدت دوران پنهنجون آن لائن درخواستون جمع ڪرائين ۽ داخلا، اهليت ۽ چونڊ جي عمل بابت وڌيڪ معلومات لاءِ پاڪستان آرمي جي سرڪاري ويب سائيٽ جو دورو ڪن. وڌيڪ معلومات ۽ رهنمائي لاءِ آرمي سليڪشن اينڊ رڪروٽمينٽ سينٽر پنو عاقل سان ٽيليفون نمبر 5805599_071 يا موبائل نمبر 2372447_0306  تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.