اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن کي حاصل ڪرڻ ۾ گيٽس فائونڊيشن جي مسلسل مدد، مالي تعاون، فني مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا کي ساراهيوآهي. هن اهڙو اظهار خميس ڏينهن گيٽس فائونڊيشن جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. وفد جي اڳواڻي صنفي اڻبرابري ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر انيتازيدي ڪري رهي هئي. وفد ۾ عالمي پاليسي ۽ ايڊووڪيسي …
پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن جي حاصلات ۾ گيٽس فائونڊيشن جي مسلسل مدد ساراهه جوڳي آهي: ناڻي واري وفاقي وزير جي گيٽس فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻُولهه
اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن کي حاصل ڪرڻ ۾ گيٽس فائونڊيشن جي مسلسل مدد، مالي تعاون، فني مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا کي ساراهيوآهي. هن اهڙو اظهار خميس ڏينهن گيٽس فائونڊيشن جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. وفد جي اڳواڻي صنفي اڻبرابري ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر انيتازيدي ڪري رهي هئي. وفد ۾ عالمي پاليسي ۽ ايڊووڪيسي ڊويزن جي وقتي صدر ڪلپنا ڪوڇر به شامل هئي. ناڻي واري وزير وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان سان گيٽس فائونڊيشن جي مسلسل تعاون ۽ رابطي جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته علم جي مٽاسٽا فني مهارت ۽ عالمي تجربن مان فائدو کڻندي گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ انتهائي لاڀائتو ثابت ٿيندو. ڪلپتان ڪوڇر ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۾ فائونڊيشن جي وڌندڙ سرگرمين بابت بريفنگ ڏني ۽ خاص طور تي انساني وسيلن، ٻارن جي صحت، غذائيت، مائرن جي صحت ۽ عورتن جي معاشي شموليت جي شعبن ۾ جاري قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ڏکڻ خيبرپختونخوا ۾ جاري پروگرام جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن تحت روڪ مدد، غذائيت بابت مدد، روزگار ۽ هنرمندي جي تربيت ۽ عورتن لاءِ شهري سهولت مرڪزن تائين رسائي فراهم ڪئي پئي وڃي. اميد آهي ته هلندڙ سال هن پروگرام سان اٽڪل هڪ لک 70 هزار عورتون ۽ 4 لک 50 هزار ٻار فائدو حاصل ڪندا. هن سڄي ملڪ ۾ غذائيت بابت ڪمن جوبه ذڪر ڪيو، جنهن ۾ يونيسيف جي لائيولي هوڊ 2.0 سهولت ذريعي غذائي شين تائين رسائي بهتر بڻائڻ ۽ ٻارن ۾ اسٽنٽنگ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم شامل آهن. ڊاڪٽر انتياز زيدي ناڻي واري وزير کي فائونڊيشن جي ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت قدمن ۽ صحت جي بهتر نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذهانت جي استعمال بابت بريفنگ ڏني. ناڻي واري وزير وفد کي وزيراعظم جي صدارت هيٺ قائم قومي آبادي ڪائونسل بابت آگاهه ڪيو ۽ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ بهتر رابطاڪاري، عورتن جي تعليم ۽ بااختياري، افرادي قوت ۾ عورتن جي وڌ کان وڌ شرڪت ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفي جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته آبادي بابت مسئلن جي حل لاءِ عالم سڳورن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي به اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي. ناڻي واري وزير ملڪي سيڙپڪارن جي اعتماد جي اهميت، نجڪاري ۽ خرچن ۾ سڌارن جي حوالي سان حڪومتي قدمن تي پڻ روشني وڌي. هن سرڪاري ادارن ۾ رائيٽ سائزنگ ۽ حڪومتي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي وڌ کان وڌ استعمال جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار، زراعت ۽ ٻين گهٽ سهولت يافته شعبن لاءِ حڪومت جي ماليات تائين رسائي جي ايجنڊا تي به روشني وڌي، هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڊجيٽل مالياتي ذريعا، بهتر ڊيٽا ايڪسچينج ۽ ڪاروباري روڪ وهڪري جي بنياد تي قرضن جي فراهمي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. گيٽس فائونڊيشن جي نمائندن پاڪستان جي مالياتي شعبي ۾ ٿيل اڳڀرائي جي آجيان ڪئي ۽ خاص طور تي ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن لاءِ مالي سهولتن تائين رسائي وڌائڻ ۾ تعاون ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. هن بهتر معلوماتي نظام، ڊجيٽل فٽ پرنٽس ۽ ڪاروبار جي روڪ وهڪري جي بنياد تي قرضن جي فراهمي کي ان سلسلي ۾ اهم قرار ڏنو. ناڻي واري وزير پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن کي حاصل ڪرڻ ۾ گيٽس فائونڊيشن هي مسلسل مدد، مالي تعاون، فني مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا کي ساراهيو. ان موقعي تي ڌرين انساني وسيلن، صحت، مالي شموليت ۽ ڊجيٽل جدت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.












