اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته علامه اقبال جي فڪر ۽ فلسفي کي فن ذريعي پيش ڪرڻ هڪ نرالي ۽ موثر ڪوشش آهي ۽ حڪومت اقبال جي پيغام کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ فن پارن کي پرڏيهه ۾ نمائش ۾ پيش ڪرڻ جون ڪوششون ڪندي. اهڙو اظهار هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف فوڪ اينڊ ٽريڊيشنل هيريٽيج (لوڪ …
علامه اقبال جي ڪلام کي فن ذريعي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائينداسين: وفاقي وزير اورنگزيب کچي
اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته علامه اقبال جي فڪر ۽ فلسفي کي فن ذريعي پيش ڪرڻ هڪ نرالي ۽ موثر ڪوشش آهي ۽ حڪومت اقبال جي پيغام کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ فن پارن کي پرڏيهه ۾ نمائش ۾ پيش ڪرڻ جون ڪوششون ڪندي. اهڙو اظهار هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف فوڪ اينڊ ٽريڊيشنل هيريٽيج (لوڪ ورثه) ۽ آف گرڊ اسٽوڊيوز جي سهڪار سان ٿيل پينٽنگ ۽ آرٽ نمائش ساقي نامه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير لوڪ ورثه هيريٽيج ميوزيم اسلام آباد ۾ نمائش جو افتتاح ڪيو. هي نمائش عظيم مفڪر ۽ شاعر علامه محمد اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مشهور فنڪارائن گيتي آراءَ، لبنيٰ جهانگير ۽ زارا حيدر بابري جي فن پارن کي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير نمائش ۾ رکيل فن پارن کي ساراهيندي چيو ته کيس آرٽ ورڪ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، هن چيو ته فنڪارن علامه اقبال جي ڪلام ۽ پيغام کي انتهائي خوبصورتي سان پيش ڪيو. هن چيو ته هي ڪم اعليٰ معيار وارو آهي ۽ عالمي سطح تي پيش ڪيل بهترين فن پارن جي برابر آهي.وفاقي وزير چيو ته هن ڪم ۾ ڪيترن ئي فن پارن کي محفوظ رکڻ سان گڏوگڏ کين پرڏيهه ۾ نمائش لاءِ به پيش ڪيو ويندو ته جيئن دنيا کي علامه اقبال جي فڪر ۽ پيغام سان هڪ منفرد ۽ موثر انداز ۾ روشناس ڪرائي سگهجي.












