وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اڏام پاڪستان جي قومي اقتصادي مشن، ٽيڪس سڌارن ۽ ڊجيٽلائيزيشن بابت اجلاس

اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ٽيڪس سڌارن ۽ وسيلن ۾ اضافو مشن – 2 اڏام پاڪستان تحت قومي اقتصادي ڪائونسل مان منظور ٿيل 11 قومي اقتصادي مشنز مان هڪ آهي، جيڪو سڄي اڏام پاڪستان پروگرام لاءِ مالياتي انجڻ جي حيثيت رکي ٿو. قومي اقتصادي مشن، ٽيڪس سڌارن ۽ معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي …

اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ٽيڪس سڌارن ۽ وسيلن ۾ اضافو مشن – 2 اڏام پاڪستان تحت قومي اقتصادي ڪائونسل مان منظور ٿيل 11 قومي اقتصادي مشنز مان هڪ آهي، جيڪو سڄي اڏام پاڪستان پروگرام لاءِ مالياتي انجڻ جي حيثيت رکي ٿو. قومي اقتصادي مشن، ٽيڪس سڌارن ۽ معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير چيو ته قابل اعتماد ۽ موثر ذريعن کان آمدني ۾ اضافو ڪرڻ کانسواءِ ٻين 10 قومي اقتصادي مشنز لاءِ گهربل وسيلا فراهم نٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته اڏام پاڪستان جي 11 قومي اقتصادي مشنز جي منطوري قومي اقتصادي ڪائونسل ڏني آهي، جيڪو ملڪ جي اعليٰ ترين معاشي فيصلا ساز آئيني ادارو آهي. انهن مشنز جو بنيادي مقصد پاڪستان کي 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالرن جي معيشت بڻائڻ آهي، احسن اقبال چيو ته اڏام پاڪستان جا هدف حاصل ڪرڻ جوڳا آهن، انهن لاءِ هر شعبي ۾ ٽرانسفارميشن گهربل آهي. جمود برقرار رکندي هڪ ٽريلين ڊالرن جي معيشت جو هدف حاصل ڪرڻ انتهائي مشڪل هوندو. جيڪڏهن اسان ڪاروبار معمول موجب هلائيندا رهاسين ته گهربل معاشي تبديلي حاصل نه ڪري سگهنداسين. هن چيو ته اسان کي ڪُمي جي رفتار سان نه پر ڊجيٽل رفتار سان اڳتي وڌڻو پوندو. پاڪستان کي معاشي ترقي لاءِ روايتي استحڪام حاصل ڪرڻو آهي، موجوده سطح تي استحڪام پائيدار ترقي لاءِ ڪافي ناهي. معاشي ترقي لاءِ مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافو ضروري آهي. هن چيو ته 2018ع ۾ پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار جي ڀيٽ ۾ ترقياتي بجيٽ جي سطح ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ  هئي، جڏهن ته اڄ ترقياتي بجيٽ ان شرح سان تمام گهٽ آهي. جيڪڏهن اسان اٽڪل 2 هزار ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ ۾ استحڪام حاصل ڪري رهيا آهيون ته ان کي مڪمل معاشي استحڪام نٿو چئي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو ترقياتي بجيٽ ڏينهون ڏينهن گهٽجندو پيو وڃي ۽ بجيٽ جو موجوده ڍانچو ترقياتي خرچن لاءِ وڌيڪ گنجائش پيدا ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهي، جيڪڏهن جاري ترقياتي منصوبا مڪمل نه ٿيا ته نوان منصوبا ڪيئن شروع ڪيا ويندا. هن زور ڀريو ته معيشت لاءِ نوان وسيلا پيدا ڪرڻ ۽ موجوده وسيلن کي موثر انداز ۾ متحرڪ ڪرڻ ضروري آهي. وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ٽيڪس نظام ۾ بنيادي سڌارا ڪرڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ڪوششن سان گذريل ٻن سالن دوران حڪومت جي ٽيڪس وصولي جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آئي آهي، جڏهن ته وڏو چئلينج ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪندي ٽيڪس نيٽ ۽ ٽيڪس وصولي ۾ اضافو ڪرڻ آهي. هن چيو ته ٽيڪس جو بار گهٽ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ اضافو ملڪي معاشي پاليسي جي ترجيح هجڻ گهرجي. ٽيڪس سڌارن ۽ معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن ذريعي ملڪي وسيلن ۾ اضافو ۽ معيشت کي دستاويزي بڻائڻو پوندو. احسن اقبال چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي تيز رفتار ترقي ڪرڻي آهي ته روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ڪرڻو پوندو، جيڪو هن وقت ملڪ جي اهم ترين قومي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته رٿابندي واري وزارت جي ذميواري آهي ته وزيراعظم جي رهمنائي ۾ جامع قومي ترقياتي منصوبو تيار ڪري لاڳاپيل وزارتن کي فراهم ڪري ته جيئن ان تي موثر عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته رٿابندي واري وزارت جي تجزياتي ۽ تحقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻندي روانگي واپار جا واضح هدف مقرر ڪرڻا پوندا. اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ڪهڙن شعبن مان ڪيتري ايڪسپورٽ حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ ان مقصد لاءِ ڪهڙا قدم ضروري آهن، هن چيو ته پاڪستان کي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل معيشت طرف تيزي سان منتقل ٿيڻو پوندو ۽ ٽيڪس سڌارن، ڊجيٽلائيزيشن ۽ موثر وسيلا متحرڪ ڪرڻ جي ذريعي معاشي ترقي جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو.