پگهاردار طبقي لاءِ رليف، مختلف ٽيڪس سليبز ۾ ٽيڪس جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)حڪومت طرفان پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ پگهار مان حاصل ٿيل آمدني تي مختلف ٽيڪس سليبز ۾ ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، 10 ملين روپين کان وڌيڪ قابل ٽيڪس آمدني رکندڙ پگهاردار ماڻهن تي لاڳو 9 سيڪڙو سرچارج به ختم ڪيو ويو آهي. ايف بي آر طرفان جاري وضاحتي بيان موجب فنانس ايڪٽ 2026ع تحت انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي فرسٽ شيڊول جي …

اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)حڪومت طرفان پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ پگهار مان حاصل ٿيل آمدني تي مختلف ٽيڪس سليبز ۾ ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، 10 ملين روپين کان وڌيڪ قابل ٽيڪس آمدني رکندڙ پگهاردار ماڻهن تي لاڳو 9 سيڪڙو سرچارج به ختم ڪيو ويو آهي. ايف بي آر طرفان جاري وضاحتي بيان موجب فنانس ايڪٽ 2026ع تحت انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي فرسٽ شيڊول جي پهرين حصي پهرين ڊويزن جي شق (2) ۾ موجود جدول کي تبديل ڪندي پگهاردار ماڻهن لاءِ ٽيڪس جي نظرثاني ٿيل شرح مقرر ڪئي وئي آهي، نظرثاني ٿيل شرح موجب 6 لک روپين تائين ساليانو ٽيڪس جوڳي آمدني تي ڪو به انڪم ٽيڪس لاڳو نه هوندو، 6 لک کان وڌيڪ پر 12 لک کان گهٽ آمدني تي 6 لک روپين کان وڌيڪ رقم جو هڪ سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪيو ويندو. 12 لک روپين کان وڌيڪ پر 22 لک روپين تائين ٽيڪس جوڳي آمدني تي 6 هزار روپين کانسواءِ 12 لک روپين کان وڌيڪ رقم جو 11 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو هوندو، اهڙي طرح 22 لک روپين کان وڌيڪ پر 32 لک روپين تائين جي آمدني تي هڪ لک 16 هزار کانسواءِ 22 لک روپين کان وڌيڪ رقم جو 20 سيڪڙو ٽيڪس هوندو. وضاحتي سرڪلر موجب 32 لک روپين کان وڌيڪ پر 41 لک روپين تائين ٽيڪس جوڳي آمدني رکندڙ ملازمن کان 3 لک 16 هزار روپين کانسواءِ 32 لک کان وڌيڪ رقم جو 25 سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪيو ويندو. 41 لک روپين کانو ڌيڪ پر 56 لک روپين تائين آمدني تي 5 لک 41 هزار روپين کانسواءِ 41 لک روپين کان وڌيڪ رقم جو 29 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو هوندو. 56 لک روپين کان وڌيڪ پر 70 لک روپين تائين ٽيڪس جوڳي آمدني تي 9 لک 76 هزار روپين کان سواءِ 56 لک روپين کان وڌيڪ رقم جو 32 سيڪڙو ٽيڪس هوندو. سرڪلر موجب 70 لک کان وڌيڪ آمدني رکندڙ ماڻهن لاءِ ٽيڪس جي شرح 14 لک 24 هزار روپين کانسواءِ 70 لک روپين کان وڌيڪ رقم جو 35 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي. حڪومت پگهاردار طبقي تي لاڳو سرچارج ۾ به اهم گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي شق 4 اي بي تحت اهڙا ماڻهو ۽ ايسوسئيشن آف پرسنز جي ٽيڪس جوڳي آمدني 10 ملين روپين کان وڌڻ جي صورت ۾ انڪم ٽيڪس جي مقرر رقم تي 10 سيڪڙو سرچارج لاڳو ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته پگهار مان آمدني حاصل ڪندڙ ماڻهن لاءِ ان حد تي 9 سيڪڙو سرچارج لاڳو هو. فنانس ايڪٽ 2026ع ذريعي پگهاردار ماڻهن لاءِ هي 9 سيڪڙو سرچارج ختم ڪيو ويو آهي، نئين ترميم تحت 10 ملين روپين کان وڌيڪ آمدني رکندڙ ٻين ماڻهن ۽ ايسوسيئيشن آف پرسنز تي 10 سيڪڙو سرچارج بدستور لاڳو رهندو، جڏهن ته پگهاردار ماڻهو ان سرچارج کان آجو هوندو. ٽيڪس سليبز ۾ گهٽتائي ۽ پگهاردار ماڻهن لاءِ سرچارج جي خاتمي جو مقصد ان طبقي تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪري کين مالي رليف فراهم ڪرڻ آهي.