گڏيل قومون-10 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سمورن تڪراري ڌرين کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن تي حملا فوري طور تي روڪين، عالمي قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ۽ حملن جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻين. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن تعليم تي حملن کان محفوظ رکڻ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو …
تڪراري ڌريون اسڪولن، ٻين تعليمي ادارن تي حملا فوري روڪين: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
گڏيل قومون-10 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سمورن تڪراري ڌرين کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن تي حملا فوري طور تي روڪين، عالمي قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ۽ حملن جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻين. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن تعليم تي حملن کان محفوظ رکڻ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪن کي هر ٻار لاءِ تعليم ۾ سيڙپڪاري، محفوظ اسڪولن جي پڌرنامي جي مڪمل توثيق ۽ عملدرآمد ۽ تعليم کي حملن کان بچائڻ لاءِ عالمي اتحاد جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي گڏجي ان پرسن ۽ آن لائن ٻنهي سطحن تي خاص ڪري ڇوڪرين ۽ ڪمزور حالتن جي ور چڙهيل ٻارن لاءِ تعليمي نظام کي تيار ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هٿياربند فوج ۽ گروهن سان لاڳاپيل ٻارن ۽ نوجوانن کي محفوظ طريقي سان ٻيهر اسڪولن ۽ معاشري ۾ شامل ڪرڻ لاءِ به قدم ضروري آهن. سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومون ان ڪوششن ۾ ملڪن جي مدد لاءِ مختلف ذريعا فراهم ڪري ٿو، جن ۾ يونيسڪو جي عملي رهنمائي ۽ پاليسي مدد به شامل آهي. هن چيو ته تعليم هر ٻار ۽ نوجوان جي بهتر مستقبل جي ضمانت ۽ بنيادي انساني حق آهي، ان حق کي حاصل ڪرڻ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو پيو وڃي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ دوران محفوظ رکڻ ۽ کين هڪ پرامن مستقبل جي تعمير جي قابل بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وڃن. تعليم کي حملن کان محفوظ رکڻ جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد هٿياربند تڪرارن دوران اسڪولن، شاگردن، استادن جي تحفظ جي فوري ضرورت بابت عالمي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻ آهي.












