اسلام آباد - 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ترقياتي ترجيحن جو جائزو وٺڻ، انهن کي تيز رفتاري سان اڳتي وڌائڻ ۽ انهن تي عملدرآمد جي لاءِ مناسب قدم کڻڻ جي حوالي سان خميس ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائ وزيراعظم بحث هيٺ ايندڙ قدمن تي جلد …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ترقياتي ترجيحن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ترقياتي ترجيحن جو جائزو وٺڻ، انهن کي تيز رفتاري سان اڳتي وڌائڻ ۽ انهن تي عملدرآمد جي لاءِ مناسب قدم کڻڻ جي حوالي سان خميس ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائ وزيراعظم بحث هيٺ ايندڙ قدمن تي جلد کان جلد عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن انهن ڪوششن جا ثمر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي زندگين ۾ ٺوس بهتري جي صورت ۾ سامهون اچي سگهن. نائب وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري سيڪريٽري، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چيف سيڪريٽري ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.












