پاڪستان جي بليو اڪانامي ۾ اهم اڳڀرائي، سي فوڊ جو روانگي واپار 586 ملين ڊالرن تائين پهچي ويو

اسلام آباد- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي بليو اڪانامي جي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي ملڪ جي سامونڊي خوراڪ (سي فوڊ) جو روانگي واپار مالي سال 26-2025ع ۾ پهريون ڀيرو 500 ملين ڊالر پار ڪندي 568 ملين ڊالر تائين پهچي ويو. سامونڊي معاملن واري وزارت مطابق گذريل ٻن سالن دوران پاڪستاني سي فوڊ جي روانگي واپار ۾ 38 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. …

اسلام آباد- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي بليو اڪانامي جي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي ملڪ جي سامونڊي خوراڪ (سي فوڊ) جو روانگي واپار مالي سال 26-2025ع ۾ پهريون ڀيرو 500 ملين ڊالر پار ڪندي 568 ملين ڊالر تائين پهچي ويو. سامونڊي معاملن واري وزارت مطابق گذريل ٻن سالن دوران پاڪستاني سي فوڊ جي روانگي واپار ۾ 38 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. سي فوڊ جو روانگي واپار 24-2023ع ۾ 406 ملين ڊالر هو جيڪو 26-2025ع ۾ 568 ملين ڊالر جي تاريخي سطح تي پهچي ويو. انگن اکرن مطابق فروزن فش پاڪستان جي سڀني کان وڏي سامونڊي خوراڪ رهي، جنهن مان 105 ملين ڊالر کان وڌيڪ مٽا سٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو، جڏهن ته فروزن اسڪويڊ، ڪٽل فش، فش ميل، جهينگا ۽ ڪيڪڙا به اهم روانگي واپاري مصنوعات ۾ شامل رهيا. پاڪستاني سي فوڊ مصنوعات چين، جاپان، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، آمريڪا ۽ ٻين عالمي مارڪيٽن تائين پهچي رهيون آهن. سامونڊي معاملن واري وزارت مطابق روانگي واپار جي معيار ۾ بهتري، فوڊ سيفٽي جي گهرجن تي ڌيان ۽ نين عالمي مارڪيٽن تائين پهچ روانگي واپار ۾ اضافي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزارت مطابق يورپي ملڪن پاران 2007ع ۾ لڳايل پابندي کانپوءِ پاڪستان سي فوڊ مصنوعات هڪ ڀيرو ٻيهر يورپي مارڪيٽ ۾ پنهنجو اعتماد بحال ڪري رهي آهي، جيڪو ملڪي سامونڊي خوراڪ جي صنعت لاءِ هڪ هاڪاري اڳڀرائي آهي.