اسلام آباد- 10سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. خميس ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 55 هزار 400 ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺاهون وهڪرو ترتيبوار 19 هزار 400 ڪيوسڪ، …
ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري
اسلام آباد- 10سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. خميس ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 55 هزار 400 ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺاهون وهڪرو ترتيبوار 19 هزار 400 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 62 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 62 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 30 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 41 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 14 هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1547.70 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو5.452 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1221.65 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.704 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 645.70 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.164 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.












