ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران شهر جي مختلف علائقن جو دورو، شهر ۾ پوليس جي مقرري سميت پوليس پيٽرولنگ جو جائزو ورتو

لاڙڪاڻو - 10 سيپٽمبر (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان خميس ڏينهن شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري پوري شهر ۾ پوليس جي مقرري سميت پوليس پيٽرولنگ جو جائزو ورتو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان شهر جي بينڪ اسڪوائر، بندر روڊ، شاهراهه رضا شاهه ۽ شيخ زيد چوڪ سميت شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن جو دورو ڪيو ۽ اتي پوليس جي مقرري، سيڪيورٽي انتظامن، پڪٽنگ، گشت …

لاڙڪاڻو – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان خميس ڏينهن شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري پوري شهر ۾ پوليس جي مقرري سميت پوليس پيٽرولنگ جو جائزو ورتو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان شهر جي بينڪ اسڪوائر، بندر روڊ، شاهراهه رضا شاهه ۽ شيخ زيد چوڪ سميت شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن جو دورو ڪيو ۽ اتي پوليس جي مقرري، سيڪيورٽي انتظامن، پڪٽنگ، گشت ۽ ڏوهارين خلاف جاري ڪاررواين جو تفصيلي جائزو ورتو. دوري دوران ايس ايس پي لاڙڪاڻو مختلف پوليس پڪٽن ۽ اهم هنڌن جو معائنو ڪيو، جتي مقرر پوليس آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪري سيڪيورٽي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. گشت تي موجود پوليس آفيسرن ڏوهن جي روڪٿام، مشڪوڪ ماڻهن جي نگراني، داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ ۽ پوليس گشت بابت ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي تفصيلي بريفنگ ڏني.  ايس ايس پي لاڙڪاڻو پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته امن امان جو قيام ۽ شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ پوليس جي پھرين ترجيح آهي. ڏوهارين خلاف بنا ڪنهن فرق جي قانون مطابق ڪارروايون جاري رکيون وڃن.