لاڙڪاڻو پوليس پاران مقابلو، هڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار ھٿ

لاڙڪاڻو-10 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تفصيل مطابق پوليس ترجمان موجب بقاپور ٿاڻي جي حد سم شاخ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ ڌاڙيل  آمهون سامھون ٿي پيا، مبينا پوليس مقابلي دوران ٻنھي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڏوھاري کي  زخمي حالت ۾ هڪ عدد پستول سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري جي سڃاڻپ علي اصغر عرف …

لاڙڪاڻو-10 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تفصيل مطابق پوليس ترجمان موجب بقاپور ٿاڻي جي حد سم شاخ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ ڌاڙيل  آمهون سامھون ٿي پيا، مبينا پوليس مقابلي دوران ٻنھي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڏوھاري کي  زخمي حالت ۾ هڪ عدد پستول سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري جي سڃاڻپ علي اصغر عرف اشو  وڪو جي نالي سان ٿي آهي،  شروعاتي جاچ ۽ حاصل ڪيل معلومات موجب ڄاڻايل ڏوھاري لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ سنگين ڏوهن ۽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث آهي.فرار ٿيل ڏوھارين جي گرفتارين لاءِ پوليس پاران سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.