ايران جي ميزائيل حملن سان اردن ۾ آمريڪي فضائي اڏن تي موجود ڪيترن ئي فوجي جهازن کي نقصان پهتو

عمان _ 10 سيٽمبر (اي پي پي) ايران جي ميزائيل حملن سان اردن ۾ آمريڪي فضائي اڏن تي موجود ڪيترن ئي فوجي جهازن کي نقصان پهتو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اربع جي صبح جو اردن ۾ واقع موفق سلطي فضائي اڏي کي نشانو بڻائيندڙ ايراني ميزائل حملن ۾ 8 ايف - 15 جهازن کي معمولي نقصان پهتو ۽ مرمت بعد کين ٻيهر فضائي ٻيڙي ۾ شامل ڪيو ويو …

عمان _ 10 سيٽمبر (اي پي پي) ايران جي ميزائيل حملن سان اردن ۾ آمريڪي فضائي اڏن تي موجود ڪيترن ئي فوجي جهازن کي نقصان پهتو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اربع جي صبح جو اردن ۾ واقع موفق سلطي فضائي اڏي کي نشانو بڻائيندڙ ايراني ميزائل حملن ۾ 8 ايف – 15 جهازن کي معمولي نقصان پهتو ۽ مرمت بعد کين ٻيهر فضائي ٻيڙي ۾ شامل ڪيو ويو . ميزائل حملي جي نتيجي ۾ اي 10- ٿنڊر  بولٽ حملو ڪندڙ جهاز ، جيڪو وارٺڳ جي نالي سان مشهور آهي جو هڪ  پر ٽٽي پيو آهي. ايران جي انهن حملن ۾ ڪو آمريڪي فوجي ناهي مارجي ويو . اهي حملا ان اعلان جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ٿيا جڏهن آمريڪا چيو هو ته هن آمريڪي بحريه جي هڪ جنگي جهاز تي ايراني حملن جي جواب ۾ پنج ايراني تيل بردار ٽينڪرن کي نشانو بڻايو آهي. ان جي جواب ۾ پاسدارن انقلاب  آمريڪي 8 تيل بردار ٽينڪرن ۽ ٻن جنگي جهازن ۽ اردن جي موفق سلطي فضائي اڏي کي نشانو بڻايو . اردن ۾ مقرر آمريڪي فوج انهن حملن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ 30 کان وڌيڪ پيٽرياٽ ميزائل فائر ڪيا . اها رپورٽ هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن آمريڪي پيٽرياٽ ميزائلن ۽ ڪجهه ٻين جديد هٿيارن جا ذخيرا تيزي سان گهٽ ٿي رهيا آهن . پينٽاگون اختيارين اڃان تائين موفق سلطي اڏي تي موجود جهازن کي پهچل نقصان جي تفصيلن جي باضابطه تصديق يا ترديد ناهي ڪئي . هوڏانهن اربع ۽ خميس جي وچ واري رات ايران جي علائقن قشم سيريڪ ۽ ميناب ۾ ڌماڪن جا اطلاع مليا آهن.