ميڊرڊ- 10 سيپٽمبر (اي پي پي)چين جي گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني جيلي آٽو اسپين ۾ پنهنجي موجودگي وڌيڪ مستحڪم ڪندي نئون اليڪٽرڪ گاڏي ماڊل ”جيلي اي 2“ متعارف ڪرائي ڇڏيو، جيڪو ڪمپني پاران اسپين جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڇهن مهينن کان گهٽ عرصي ۾ پيش ڪيل ٽيون ماڊل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ماڊل جي رونمائي ميڊرڊ جي ٽيئروڪيپٽول ۾ منعقد تقريب دوران ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪمپني جي نمائندن، …
چين جي گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني جيلي جي اسپين ۾ موجودگي ۾ توسيع، ٽيون ماڊل متعارف
ميڊرڊ- 10 سيپٽمبر (اي پي پي)چين جي گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني جيلي آٽو اسپين ۾ پنهنجي موجودگي وڌيڪ مستحڪم ڪندي نئون اليڪٽرڪ گاڏي ماڊل ”جيلي اي 2“ متعارف ڪرائي ڇڏيو، جيڪو ڪمپني پاران اسپين جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڇهن مهينن کان گهٽ عرصي ۾ پيش ڪيل ٽيون ماڊل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ماڊل جي رونمائي ميڊرڊ جي ٽيئروڪيپٽول ۾ منعقد تقريب دوران ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪمپني جي نمائندن، ڊيلرز، شراڪتدارن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. جيلي اي 2 جي آمد کانپوءِ ملڪ ۾ ڪمپني جي ماڊلز جو انگ ٽي ٿي ويو آهي. ڪمپني مطابق هن وقت سڄي اسپين ۾ جيلي جا 50 سيلز ۽ سروس مرڪز قائم آهن، جن جو انگ 2026ع جي پڃاڻي تائين وڌائي 80 ڪرڻ جو منصوبو آهي. جيلي آٽو گروپ ٻڌايو ته ڪمپني 2025ع ۾ سڄي دنيا ۾ 30 لک 20 هزار کان وڌيڪ گاڏيون وڪرو ڪيون، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 39 سيڪڙو وڌيڪ آهن.












