چين ڪڏهن به ڪنهن ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ ناهي وڌي: چين جي پرڏيهي وزارت

بيجنگ- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته اسان ڪڏهن به ڪنهن ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ ناهي وڌي پر هميشه مدد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ گذريل ڏينهن معمول جي پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته چين ڪڏهن به ڪنهن ملڪ جي ترقي ۾ رڪاوٽ ناهي …

بيجنگ- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته اسان ڪڏهن به ڪنهن ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ ناهي وڌي پر هميشه مدد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ گذريل ڏينهن معمول جي پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته چين ڪڏهن به ڪنهن ملڪ جي ترقي ۾ رڪاوٽ ناهي بڻيو پر ترقي لاءِ ڪوششون ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته چين اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ جي گڏيل تعمير ذريعي شراڪتدار ملڪن کي بنيادي ڍانچي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي. چين جي اعليٰ معيار ۽ مناسب قيمت جا صنعتي اوزار ۽ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل مصنوعات فراهم ڪري ٿو، پنهنجن تجربن ۽ ٽيڪنالاجي جي شراڪت ڪري ٿو ۽ گلوبل سائوٿ جي ملڪن کي صنعتي ترقي جو خرچ گهٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو.