جنيوا-10 سيپٽمبر (اي پي پي) ورلڊ مسلم ڪانگريس گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته عوام جي خوداراديت واري حق بابت ڌار ايجنڊا آئٽم جي تجويز تي ٻيهر غور ڪي وڃي ته جئين پرڏيهي قبضي جو شڪار عوام، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام کي پنهنجا مسئلا ۽ خدشا عالمي فورم تي پيش ڪرڻ لاءِ مستقل ۽ باضابطه پليٽ فارم …
ورلڊ مسلم ڪانگريس جو گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪونسل ۾ خوداراديت واري حق کي الڳ ايجندا آئٽم طور تي شامل ڪرڻ جو مطالبو
جنيوا-10 سيپٽمبر (اي پي پي) ورلڊ مسلم ڪانگريس گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته عوام جي خوداراديت واري حق بابت ڌار ايجنڊا آئٽم جي تجويز تي ٻيهر غور ڪي وڃي ته جئين پرڏيهي قبضي جو شڪار عوام، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام کي پنهنجا مسئلا ۽ خدشا عالمي فورم تي پيش ڪرڻ لاءِ مستقل ۽ باضابطه پليٽ فارم ميسر ٿي سگهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪونسل جي 63 هين اجلاس ۾ جمهوري ۽ منصفاڻي عالمي نظام کي هٿي ڏيڻ بابت آزاد ماهرن سان مباحثي دوران ورلڊ مسلم ڪانگريس جي نمائندي الطاف حسين واني آزاد ماهرن جي رپورٽ جي آجيان ڪندي چيو ته رپورٽ ۾ هڪ طرفه طرز عمل ، جبري اقتصادي پاليسين ۽ باهمي انحصار کي سياسي دٻاءَ لاءِ استعمال ڪرڻ سان پيدا ٿيندڙ خطرن جي درست نشاندهي ڪئي وئي آهي، ان موجب اهڙا قدم رياستن جي خودمختار مساوات ۽ گڏيل قومن جي منشور ۾ موجود بنيادي اصولن کي ڪمزور ڪن ٿا. ان موقعي تي الطاف واني گڏيل قومن جي اڳوڻي آزاد ماهر الفريڊ ڊي زاياس جي سفارش جو حوالو ڏيندي چيو ته انساني حقن واري ڪونسل کي عوام جي خوداراديت واري حق کي هڪ عليحده ايجندا آئٽم طور شامل ڪرڻ جي تجويز تي ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ان تجويز جي بحالي سان غير ملڪي قبضي هيٺ عوام کي انساني حقن جي ڪونسل جي اندر پنهنجي مسئي کي اجاگر ڪرڻ ۽ پنهنجا خدشا پيش ڪرڻ ۽ سياسي مستقبل بابت حل طلب معاملن تي عالمي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هڪ بهتر ۽ مستقل فورم دستياب ٿيندو، ان موقعي تي هن والاريل ڪشمير جي صورتحال تي روشني وجهندي چيو ته ڪشميري عوام کي پنهنجي خودارديت واري حق جي استعمال کان لڳاتار محروم رکيو پيووڃي.












