نئين دهلي -10 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي علائقي لداخ جي سياسي گروپن مطالبن کي پورو ڪرڻ ۾ ڀارت جي ناڪامي تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ليه ايپڪس باڊي (ايل اي بي) ۽ ڪارگل ڊيموڪريٽڪ الائنس (ڪي ڊي اي) جي نمائندن چيو آهي ته اهي علائقائي باڊي جي ڍانچي ۽ اختيارن جو خاڪو پيش …
ايل اي بي جو ڪي ڊي اي جي مطالبن جي حل ۾ ڀارت جي ناڪامي تي سخت رد عمل
نئين دهلي -10 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي علائقي لداخ جي سياسي گروپن مطالبن کي پورو ڪرڻ ۾ ڀارت جي ناڪامي تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ليه ايپڪس باڊي (ايل اي بي) ۽ ڪارگل ڊيموڪريٽڪ الائنس (ڪي ڊي اي) جي نمائندن چيو آهي ته اهي علائقائي باڊي جي ڍانچي ۽ اختيارن جو خاڪو پيش ڪندڙ مسودي جي اميد سان دهلي آيا آهن. لداخ خطي جي مشهور ماحولياتي ڪارڪن سونم وانچنگ هڪ بيان ۾ چيو ته وفد کي مطالبن جي حوالي سان هڪ مسودو به ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ماڻهن کي گهڻيون اميدون هيون ڇو ته گذريل اجلاس کي 4 مهينا گذري چڪا آهن پر ڀارتي گهرو وزارت طرفان ڪا مناسب ڳالهه سامهون ناهي آئي. ڪي ڊي اي جي نمائندي سجاد ڪريگلي چيو ته ” ايل اي بي ۽ ڪي ڊي اي “ کي اميد هئي ته ڳالهيون هڪ اهڙي معاملي تي اڳتي وڌنديون جنهن تي سڀني جو اتفاق راءِ هجي. هن چيو ته اسان جي مطالبن ۾ هڪ چونڊيل قانون ساز اسيمبلي جو قيام، زمين، ملازمتن، ثقافت ۽ سڃاڻپ لاءِ آئيني خدشن ۽ 24 سيٽمبر 2025 ع جي ليه تشدد جي سلسلي ۾ داخل سمورن ڪيسن جي فوري بحالي شامل آهي.












