فلپائن ۾ سامونڊي جهاز ۾ باهه لڳڻ سبب 5 ڄڻا فوت، 87 ماڻهو گم

منيلا- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) فلپائن جي صوبي پالاون جي سامونڊي ڪناري واري علائقي ۾ هڪ سامونڊي جهاز ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 87 ڄڻا گم ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي ڪوسٽ گارڊ ٻڌايو ته حادثو سياحتي هنڌ ڪورون ميونسپالٽي جي سامونڊي ڪناري کان اٽڪل 1.2 بحري ميل پري پيش آيو. جهاز ۾ 117 مسافر ۽ عملي جا …

منيلا- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) فلپائن جي صوبي پالاون جي سامونڊي ڪناري واري علائقي ۾ هڪ سامونڊي جهاز ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 87 ڄڻا گم ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي ڪوسٽ گارڊ ٻڌايو ته حادثو سياحتي هنڌ ڪورون ميونسپالٽي جي سامونڊي ڪناري کان اٽڪل 1.2 بحري ميل پري پيش آيو. جهاز ۾ 117 مسافر ۽ عملي جا 17 ميمبر سوار هئا، جن مان 42 ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو. ڪوسٽ گارڊ پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل ويڊيو ۾ سامونڊي جهاز کي مڪمل طور تي باهه جي پڪڙ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. مقامي ميڊيا رپورٽس مطابق سامونڊي جهاز منيلا مان روانو ٿيو هو ۽ ڪورون وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ان ۾ باهه لڳي وئي. حادثي بعد گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ۽ امدادي ڪارروائيون جاري آهن.