اسلام آباد - 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارت جي بي بنياد دعوائن کي واضح لفظن ۾ رد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي عالمي حقيقتن جي ابتڙ آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان خميس ڏينهن هتي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت جي هڪطرفي قدمن ۽ مسلسل غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي …
پاڪستان پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارت جُون بي بنياد دعوائُون واضح لفظن ۾ رد
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارت جي بي بنياد دعوائن کي واضح لفظن ۾ رد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي عالمي حقيقتن جي ابتڙ آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان خميس ڏينهن هتي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت جي هڪطرفي قدمن ۽ مسلسل غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديلي نه ٿو ڪري سگهجي. ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي اڃان تائين هڪ حل طلب معاملو آهي ۽ ان جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڪرڻ گهرجي جيڪو گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ٿئي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي سرڪاري نقشي جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ تڪراري خطي جي طور تي ڏيکاريو ويو آهي، ان جي موجوده قانوني حيثيت جي واحد مستنند نقشه جاتي عڪاسي برقرار آهي. هن چيو ته ڀارت جي نام نهاد سرڪاري نقشي ۽ خودمختياري جي هڪطرفي دعوى ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي ڪنهن به طرح تبديل نه ٿي ڪري سگهي.












