نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان گذريل رات ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال جو جائزو ورتو. هُنن فلسطين جي مسئلي تي پنهنجي گڏيل موقف کي ورجائيندي غير قانوني اسرائيلي آبادين مان درآمد تي …

اسلام آباد- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان گذريل رات ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال جو جائزو ورتو. هُنن فلسطين جي مسئلي تي پنهنجي گڏيل موقف کي ورجائيندي غير قانوني اسرائيلي آبادين مان درآمد تي پابندي لڳائڻ ۽ اهڙين آبادين سان لاڳاپيل خدمتن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي برطانيه جي فيصلي جي حوالي سان اٺن عرب ۽ اسلامي ملڪن جي گڏيل سان گڏوگڏ برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن جي ٻه رياستي حل بابت گڏيل بيان جي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن سعودي عرب ۽ مصر سان ويجهي علائقائي معاملن تي ويجهي مُشاورت جاري رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو، جنهن ۾ ريجنل فور (آر 4) فريم ورڪ ذريعي مُشاورت پُڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.