اسلام آباد - 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي ۽ پارلياماني معاملن، قومي اسيمبلي ۾ التوا هيٺ حڪومتي ۽ نجي ميمبرن جي قانونسازي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اربع ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي ملاقات
اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي ۽ پارلياماني معاملن، قومي اسيمبلي ۾ التوا هيٺ حڪومتي ۽ نجي ميمبرن جي قانونسازي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اربع ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ موثر پارليامينٽ جي اهميت تي زور ڏنو. هن قومي مفاد جي معاملن تي پارلياماني پارٽين جي وچ ۾ ويجهي رابطي ۽ گڏيل تعاون جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو.












