ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار، معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ جي اهليت  بهتر بڻائڻ لاءِ عملي مدد ضروري آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالياتي سهولتن تائين پهچ وڌائڻ لاءِ پوري مالياتي نظام جي سڀني لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مربوط قدم ضروري آهن،  ننڍن ۽ وچولي درجن جي ڪاروبار، معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ جي اهليت کي بهتر بڻائڻ لاءِ عملي مدد ضروري آهي. هن اها ڳالهه …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالياتي سهولتن تائين پهچ وڌائڻ لاءِ پوري مالياتي نظام جي سڀني لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مربوط قدم ضروري آهن،  ننڍن ۽ وچولي درجن جي ڪاروبار، معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ جي اهليت کي بهتر بڻائڻ لاءِ عملي مدد ضروري آهي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن ناڻي واري وزارت ۾ ماليات تائين پهچ جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ترجيحي شعبن، خاص طور تي ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز)، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، روانگي واپار، تجديد جوڳي توانائي ۽ هائوسنگ لاءِ  سستي ۽ جامع مالياتي سهولتن جي فراهمي قدمن تي ڪيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاسن ۾ غور يچار کي وڌيڪ مربوط، نتيجن تي ٻڌل ۽ عملي قدمن تي ڏنو وڃي. هن هدايت ڪئي ته اهم تجويزن کي اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل ذيلي ڪميٽين ۾ غور هيٺ آندو وڃي ته جيئن انهن کي جامع، مربوط ۽ سمورن رخن جو  جائزو وٺڻ کان پوءِ حتمي فورم تي پيش ڪري سگهجي. اجلاس ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي قرضن جي فراهمي جي تازي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته آگسٽ 2026ع جي پڄاڻي تائين ايس ايم ايز لاءِ فنانسنگ 1.067 ٽريلين رپين تائين پهچي وئي آهي، جنهن مان 323,987 قرض وٺندڙ ماڻهو ۽ ادارا مستفيد ٿي رهيا آهن، ملڪ جي نجي شعبي کي ڏنل قرضن ۾ ايس ايم اي فنانسنگ جو حصو 9.90 سيڪڙو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وچولي مدي جي هدف تحت، جون 2028ع تائين ايس ايم اي فنانسنگ کي وڌائي 2 ٽريلين رپين ۽ قرض وٺندڙ ڪاروباري ماڻهن جو تعداد 775,000 تائين پهچائڻ جو منصوبو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي نجي شعبي کي مختصر مدي جي قرضن ۾ ايس ايم اي جو حصو 13 سيڪڙو تائين ٿي ويندو. ناڻي واري وزير انهن هدفن ڏانهن اڳڀرائي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريندي ايندڙ ڪجهه مهينن دوران ايس ايم اي قرضن ۾ اضافي لاءِ بئنڪ وار واضح منصوبو تيار ڪرڻ جي هديت ڪئي. هن هول سيل ايس ايم اي فنانسنگ فريم ورڪ تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي به آجيان ڪئي، جنهن سان مالياتي سهولتن جي پهچ وڌائڻ ۽ رسمي مالياتي نظام مان فائدو حاصل ڪندڙ ڪاروباري ادارن جو انگ وڌائڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ زرعي شعبي کي قرضن جي فراهمي جو به جائزو ورتو ويو، جنهن جو ڳاڻيٽو آگسٽ 2026ع جي پڄاڻي تائين 1.268 ٽريلين رپين تائين پهچي چڪو آهي، ان مان 33لک 92 هزار 92 ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن، ملڪي نجي شعبي کي ڏنل قرضن ۾ زرعي فنانسنگ جو حصو 10.90 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وچولي مدي جي هدف تحت، جون 2028ع تائين زرعي فنانسنگ کي 2 ٽريلين رپين تائين وڌائڻ ۽ قرض وٺندڙ هارين جو انگ 5.5 لک تائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ زرخيز اي آسان زرعي قرض پروگرام تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو، جنهن جو مقصد سڄي ملڪ جي ننڍن آبادگارن سميت، کي ضمانت کان سواءِ قرضن جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پروگرام تحت هاڻي تائين 58,919 هاري رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 35,838 درخواستون مليون آهن. انهن مان، 16964 قرض جن جي مجموعي ماليت 7.349 ارب روپيا بڻجي ٿي، منظور ڪيا ويا آهن، 1.956 ارب رپين جي ماليت جا 5,174 قرض ورهايا ويا آهن. ناڻي واري وزير ان پروگرام جي پهچ وڌيڪ وڌائڻ  سان گڏوگڏ  ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته منظور ٿيل قرضن کي بنا ڪنهن دير جي حقيقي مالي مدد ۾ تبديل ٿين ۽ هارين کي بروقت رقم دستياب هجي. اجلاس ۾ هائوسنگ فنانس جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي پنهنجو گهر پروگرام، گهر هجي ته پنهنجو تحت اهم اڳڀرائي جاري آهي. پروگرام ذريعي 20 سالن تائين جي عرصي لاءِ سستي هائوسنگ فنانس جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي ، جڏهن ته پهرين 10 سالن لاءِ وياج جي شرح 5 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 4 سيپٽمبر 2026ع تائين، پروگرام تحت منظور ٿيل هائوسنگ فنانس 351.3 ارب رپين تائين پهچي وئي، جيڪا آگسٽ جي آخر جي ڀيٽ ۾ 38.3 ارب رپيا وڌيڪ آهي. اهڙي طرح، هڪ هفتي کان به گهٽ عرصي ۾ منظور ٿيل فنانسنگ  ۾ اٽڪل  12 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پروگرام تحت ڪل 156,813 درخواستون مليون، جن مان 34960 قرض جن جي ماليت 351.3 ارب روپيا آهي، منظور ڪيا ويا، جڏهن ته 9717 قرض جن جي ماليت 51.13 ارب روپيا آهي، پهرين ئي ورهائجي چڪا آهن. ناڻي واري وزير منظور ٿيل قرضن کي تيز رفتاري سان ورهائڻ ۽ ان رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن هائوسنگ فنانس جي ذيلي ڪميٽي جي ذريعي عملي قدم اڳتي وڌائڻ جي هدايت ڪئي جن سان سستي رهائشي قرضن کي حاصل ڪرڻ جو عمل وڌيڪ آسان ۽ عام سهرين لاءِ پهچ جوڳو بڻائي سگهجي.