قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سفري دستاويزن جي تصديق ۾ سهولت ڏيڻ لاءِ مربوط نظام جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثا آهن، حڪومت کين هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت مطابق وفاقي سفري دستاويزن ۽ ضروري ڪاغذن جي وقت سر تصديق يقيني بڻائڻ لاءِ مربوط ۽ تيز رفتار نظام واضح ڪرڻ جي هدايت ڪئي. قانون واري وفاقي …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثا آهن، حڪومت کين هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت مطابق وفاقي سفري دستاويزن ۽ ضروري ڪاغذن جي وقت سر تصديق يقيني بڻائڻ لاءِ مربوط ۽ تيز رفتار نظام واضح ڪرڻ جي هدايت ڪئي. قانون واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ پاسپورٽ رولز ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزارت، پرڏيهي وزارت، پاسپورٽ کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ضروري ڪاغذن جي تصديق لاءِ مربوط نظام واضح ڪيو وڃي ۽ رڪارڊ جي تصديق جي عمل کي تيز رفتار ۽ آسان بڻايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته تصديق جي عمل لاءِ واضح ٽائم لائين مقرر ڪئي وڃي ته جئين پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي غير ضروري دير جو منهن نه ڏسڻو پئي. وفاقي وزير، گهرو وزارت جي سطح تي اليڪٽرانڪ طريقيڪار واضح ڪرڻ ۽ ضروري ڪارروائي آن لائين مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن تصديق جي عمل لاءِ ون ونڊو پورٽل متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏيندي قاعدن ۽ ضابطن ۾ بهتري لاءِ تجويز پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته لاڳاپيل ادارا ايندڙ اجلاس ۾ ان حوالي سان واضح لائحه عمل پيش ڪن ته جئين نظام کي وڌيڪ اثرائتو ، شفاف ۽ عوام دوست بڻاڻي سگهجي.