عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان جاري

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ اربع ڏينهن به ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان جاري رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 3.32 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 96.35 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ تحت مستقبل جا سودا 3.45 ڊالر جي اضافي سان 101.37 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. اسپاٽ گولڊ …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ اربع ڏينهن به ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان جاري رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 3.32 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 96.35 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ تحت مستقبل جا سودا 3.45 ڊالر جي اضافي سان 101.37 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. اسپاٽ گولڊ جي قيمت 69.19 ڊالر جي اضافي سان 4425 ڊالر في اونس، جڏهن ته مستقبل جي خريداري لاءِ سودا 18 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 4457 ڊالر ۾ طئي ٿيا، چانديءَ جي قيمت 1.25 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 68.25 ڊالر جي اونس ٿي وئي، مڪئي ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي، جڏهن ته ڪاٽن جي قيمت ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.