اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ايل ون منصوبي کي وڏي اهميت ڏئي رهيو آهي ۽ چاهي ٿو ته منصوبو جلد کان جلد عملي مرحلي طرف وڌي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي عملدارن سان ملاقات ۾ چئي، ملاقات ۾ مين لائن ون (ايم ايل ون) ريلوي منصوبي تي …
وفاقي وزير احد چيمه سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نمائندن جي ملاقات
اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ايل ون منصوبي کي وڏي اهميت ڏئي رهيو آهي ۽ چاهي ٿو ته منصوبو جلد کان جلد عملي مرحلي طرف وڌي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي عملدارن سان ملاقات ۾ چئي، ملاقات ۾ مين لائن ون (ايم ايل ون) ريلوي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ منصوبي جي ڊزائين جي وقت سر مڪمل ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ ان جي تياري جي مرحلن تي خاص ڏيان ڏنو ويو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي عملدارن ٻڌايو ته سندن فني ٽيم ۽ منصوبي جا ڪنسلٽنٽس ايم ايل ون تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ منصوبي جي ڊزائين کي آڪٽوبر اندر حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اي ڊي بي طرفان وڌيڪ ٻڌايو ويو ته منصوبي جي ڊزائين حتمي ٿيڻ کانپوءِ حڪومت سان ويجهي رابطي ۽ تعاون سان خريداري ۽ ان کانپوءِ جي ٻين مرحلن کي وقت سر اڳتي وڌائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي. احد چيمه اي ڊي بي ۽ ان جي فني ٽيمن طرفان ڪيل اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ جاري ڪم کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين وچ ۾ ويجهو رابطو ۽ موثر تعاون جي اهميت تي زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ايل ون منصوبي کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ چاهي ٿو ته منصوبو جلد کان جلد عملي مرحلي طرف وڌي. هن اي ڊي بي جي وفد کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان حڪومت پنهنجي طرفان سموريون ضروري گهُرجون وقت سر پوريون ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي ۽ منصوبي جي سمورن مرحلن ۾ ضروري سهولتون ۽ تعاون فراهم ڪندي. وفاقي وزير منصوبي جي عملي شيڊول جو مسلسل جائزو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن جتي ممڪن ٿئي، سمورن فني، قانوني ۽ ضابطه جاتي گهرجن جي مڪمل پاسداري ڪندي منصوبي جي مدت کي وڌيڪ بهتر ۽ موثر بڻائي سگهجي. اي ڊي بي جي نمائندن منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم ۽ ڪوششن کي ساراهيندي خاطري ڪرائي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ منصوبي تي وقت سر اڳڀرائي لاءِ حڪومت سان ويجهو تعاون جاري رکندي. هن وڌيڪ چيو ته منصوبي جي ايندڙ مرحلي ۽ منظورين بابت ضروري گهُرجن سميت اي ڊي بي بورڊ ۾ غور لاءِ گهربل معاملا، حڪومت پاڪستان سان وقت سر شيئر ڪيا ويندا.












