پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پاليسين جو تسلسل، مالياتي نظم و ضبط ۽ ڍانچي جاتي سڌارا اقتصادي رُخ کي برقرار رکڻ لاءِ اهم رهندا. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن پاڪستان ۾ نيوزي لينڊ جي نامزد هاءِ ڪمشنر …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پاليسين جو تسلسل، مالياتي نظم و ضبط ۽ ڍانچي جاتي سڌارا اقتصادي رُخ کي برقرار رکڻ لاءِ اهم رهندا. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن پاڪستان ۾ نيوزي لينڊ جي نامزد هاءِ ڪمشنر ڊيوڊ پائن سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل لاڳاپا، واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نيوزي لينڊ هاءِ ڪميشن جي پاليسي ۽ پبلڪ افيئرز ايڊوائزر اوانتي ڪالانسوريا ۽ پاڪستان لاءِ نيوزي لينڊ جي اعزازي قونصل جنرل معين ايم فودا به موجود هئا. هاءِ ڪمشنر ڊيوڊ پائن تازو ئي يورو بانڊ جاري ڪرڻ ذريعي پاڪستان جي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ ڪامياب واپسي تي ناڻي واري وزير کي مبارڪون ڏنيون ۽ ڪُلي معيشت جي استحڪام ۽ اقتصادي سڌارن جي ميدان ۾ پاڪستان جي اڳڀرائي کي ساراهيو. هن ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۽ وسيع ڏکڻ ايشيا خطي سان رابطا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ نيوزي لينڊ جي موقف ۽ ترجيحن کان به آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ڪُلي معيشت جي استحڪام کي حاصل ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ هاڻي حڪومت جو ڌيان سڌارن جي عمل کي برقرار رکندي سيڙپڪاري، روانگي واپار، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي طرف وڌڻ تي آهي، پاليسين جو تسلسل، مالياتي نظم و ضبط، ڍانچي جاتي سڌارا ان اقتصادي رُخ کي برقرار رکڻ لاءِ اهم رهندا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن کي هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ڊيوڊ پائن ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري طبقن وچ ۾ سڌي ريت رابطا قائم ڪرڻ ۽ گڏيل واپاري مفادن وارن شعبن جي نشاندهي جي اهميت اجاگر ڪئي، هن چيو ته واپار بابت معاملن جي نشاندهي ۽ انهن جي حل لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ باقاعده ٻطرفي واپاري ڳالهين کي هٿي ڏيڻ به ضروري آهي، ناڻي واري وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، حڪومت ضروري سازگار ماحول ۽ سهولتڪاري فراهم ڪندي. هن چيو ته باضابطه واپاري معاهدا پهرين کان جاري ڪاروباري سرگرمين کي تيز ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته مضبوط واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن جو بنياد مستحڪم ڪاروباري لاڳاپن سان ئي قائم ٿيندو. ملاقات ۾ نيوزي لينڊ ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن ۽ اسڪالرز جي وڏي انگ، خاص ڪري زراعت بابت شعبن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو به ذڪر ٿيو. ناڻي واري وزير چيو ته اهڙن تعليمي موقعن کي پاڪستان ۾ عملي نتيجن سان جوڙڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ تربيت يافته ماڻهن جي وطن واپسي ۽ انهن جي علم ۽ مهارت مان ملڪ ۾ فائدو کڻڻ به شامل آهي. هن اقتصادي ترقي ۽ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ جدت طرازي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. ناڻي واري وزير نئين معيشت، خاص ڪري ڊجيٽل خدمتن، ٽيڪنالاجي ۽ نوجوان افرادي قوت جي شعبن ۾ تعاون جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي ۽ فري لانسنگ جو شعبو تيزي سان هٿي وٺي رهيو آهي ۽ اڀرندڙ شعبن ۾ ملڪ تيز رفتار ترقي جي صلاحيت رکي ٿو، روايتي روانگي واپار جي شعبن جي چٽاڀيٽي صلاحيت بهتر بڻائڻ جون ڪوششون به جاري رهڻ گهرجي. ڊيوڊ پائن چيو ته نيوزي لينڊ مختلف شعبن خاص ڪري ايگرو ٽيڪ ۽ نجي شعبي جي گڏيل تعاون جي ٻين شعبن ۾ موقعا ڳولهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين وچ ۾ مضبوط رابطا قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير نيوزي لينڊ سان واپاري ۽ اقتصادي رابطن ۾ تازي اڳڀرائي جي آجيان ڪندي چيو ته گڏيل دلچسپي کي واپار، سيڙپڪاري، علم ۽ مهارت جي شعبن ۾ ٺوس حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ نجي شعبي جي سطح تي مسلسل رابطا ضروري آهي. نيوزي لينڊ جي نامزد هاءِ ڪمشنر ناڻي واري وزير طرفان تعاون ۽ رابطن کي ساراهيندي پاڪستان سان ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي جو ورجاءُ ڪيو. هن ڪاروباري رابطا وڌائڻ ۽ عملي تعاون جي موقعن جي نشاندهي لاءِ مسلسل ڳالهين جي حمايت جو اظهار ڪيو.