ڀارت ۾ حضرت امير خسرو جي سالياني عرس ۾ شرڪت جي خواهشمند پاڪستاني زائرين کان درخواستون طلب

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت، ڀارت ۾ حضرت امير خسرو جي سالياني عرس ۾ شرڪت جي خواهشمند پاڪستاني زائرين کان درخواستون طلب ڪيون آهن. خواهشمند زائرين وزارت جي ويب سائيٽ تي موجود مخصوص زيارت درخواست فارم تي پنهنجون درخواستون 25 سيپٽمبر 2026ع تائين سيڪشن آفيسر (زيارت)، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت، اسلام آباد جي آفيس ۾ …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت، ڀارت ۾ حضرت امير خسرو جي سالياني عرس ۾ شرڪت جي خواهشمند پاڪستاني زائرين کان درخواستون طلب ڪيون آهن. خواهشمند زائرين وزارت جي ويب سائيٽ تي موجود مخصوص زيارت درخواست فارم تي پنهنجون درخواستون 25 سيپٽمبر 2026ع تائين سيڪشن آفيسر (زيارت)، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت، اسلام آباد جي آفيس ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. مذهبي معاملن واري وزارت مطابق جيڪڏهن زائرين جي چونڊ لاءِ قرعه اندازي جي ضرورت پيش آئي ته اها جمعو 23 آڪٽوبر 2026ع تي ٻنپهرن جو 2 وڳي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ڪوهسار بلاڪ پهرين منزل اسلام آباد جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيندي. واضح رهي ته حضرت امير خسرو جو ساليانو عرس 22 کان 29 مارچ 2027ع تي نئين دهلي، ڀارت ۾ منعقد ٿيڻ جو امڪان آهي. عرس جي شروعاتي حتمي تاريخ پاڪستان هاءِ ڪميشن، ڀارت کان تصديق موصول ٿيڻ کانپوءِ جاري ڪئي ويندي. عرس ۾ شرڪت سان لاڳاپيل ٻيا تفصيل، شرط ۽ هدايتون زيارت درخواست فارم ۾ موجود آهن. وڌيڪ ڄاڻ مذهبي معاملن واري وزارت جي سرڪاري ويب سائيٽ تان به حاصل ڪري سگهجن ٿا.