سنڌ ۾ هن وقت غير هنرمند مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 43 هزار، گهٽ مهارت واري مزدور جي 44 هزار 484، ماهر مزدور جي 53 هزار 350 ۽ اعليٰ مهارت واري مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 55 هزار 626 رپيا مقرر آهي: صوبائي وزير سعيد غني

ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت غير هنرمند مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 43 هزار، گهٽ مهارت واري مزدور جي 44 هزار 484، ماهر مزدور جي 53 هزار 350 ۽ اعليٰ مهارت واري مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 55 هزار 626 رپيا مقرر آهي. اربع ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ …

ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت غير هنرمند مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 43 هزار، گهٽ مهارت واري مزدور جي 44 هزار 484، ماهر مزدور جي 53 هزار 350 ۽ اعليٰ مهارت واري مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 55 هزار 626 رپيا مقرر آهي. اربع ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ محنت ۽ انساني وسيلن واري کاتي بابت سوالن جي وقفي دوران ميمبرن جي لکيل ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي سعيد غني چيو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هن وقت مزدورن جا 9 هزار 225 ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هر سال 48 هزار مزدورن جي ٻارن کي اسڪول بيگ، يونيفارم ۽ جوتن جي مد ۾ في ٻار 12 هزار رپيا ڏنا وڃن ٿا، جنهن لاءِ مجموعي طور 57 ڪروڙ رپيا سندن والدين جي اڪائونٽس ۾ سڌي ريت منتقل ڪيا وڃن ٿا. صوبائي وزير چيو ته محنت واري کاتي جي انتظام هيٺ 23 اسڪول، 2 ڪاليج، 7 اسپتال، 44 ڊسپينسريون ۽ 3 ميڊيڪل سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته 2022ع کان 2025ع دوران اهڙن 2031 ڪارخانن ۽ ادارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جيڪي مزدورن کي مقرر گهٽ ۾ گهٽ اجرت ادا نه ڪري رهيا هئا، جڏهن ته انهن تي مجموعي طور 45.15 ملين رپيا، يعني 4 ڪروڙ 51 لک 50 هزار رپيا ڏنڊ پڻ لڳايو ويو. هن چيو ته محنت واري کاتي کي مليل شڪايتن ۽ باقاعده انسپيڪشن دوران سامهون ايندڙ معاملن تي ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. لکين ننڍن ۽ وڏن ادارن جي نگراني ڪرڻ ممڪن ناهي، جتي لکين مزدور ڪم ڪن ٿا، پر سوشل ميڊيا، مزدور تنظيمن ۽ ٻين ذريعن کان ملندڙ هر شڪايت تي لازمي ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. سعيد غني چيو ته سال 2023-24ع دوران ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ ڪرپشن بابت جاچ ڪرائي وئي ۽ جيڪي ماڻهو ملوث هئا، انهن کي عهدن تان هٽايو ويو، پر اهي عدالتن مان اسٽي آرڊر وٺي ٻيهر واپس اچي ويا. هن چيو ته جيڪڏهن چيو وڃي ٿو ته وزير ڪجهه نٿو ڪري ته پوءِ عدالتن کي به چيو وڃي ته اهڙن اسٽي آرڊرن جي اجازت نه ڏين. صوبائي وزير ٻڌايو ته جن آفيسرن کي هٽائي سندن جاءِ تي نوان ماڻهو مقرر ڪيا ويا هئا، عدالت انهن کي به هٽائڻ ۽ جاچ ڪميٽي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سعيد غني چيو ته هو پاڻ معزز جج سامهون پيش ٿيو ۽ واضح ڪيو ته ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي هو ڪنهن به صورت ۾ ٻيهر مقرر نه ڪندو. هن چيو ته عدالت طرفان اڳوڻو حڪم معطل ڪرڻ کانپوءِ هن ساڳئي ڏينهن نئون حڪم جاري ڪري انهن آفيسرن کي ٻيهر معطل ڪري ڇڏيو. انجنيئر صابر حسين جي لکت واري سوال جي جواب ۾ سعيد غني ٻڌايو ته سڄي سنڌ ۾ 850 سِرن جا بٺا رجسٽرڊ آهن ۽ انهن جو باقاعدگي سان معائنو ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن بٺي تي چائلڊ ليبر جو واقعو سامهون اچي ٿو ته بٺي جي مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي ٿو. سعيد غني چيو ته سيٺي يا ورڪرز ويلفيئر بورڊ جو اين ايف سي سان ڪو تعلق ناهي. هن واضح ڪيو ته هتي رقم ملازمن جي ڪنٽريبيوشن جي مد ۾ آجرن طرفان جمع ڪرائي وڃي ٿي. ڊاڪٽر فوزيه حميد جي لکت واري سوال جي جواب ۾ سعيد غني ٻڌايو ته سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت سنڌ منيمم ويجز ايڪٽ 2015ع تحت مقرر ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته 2022-23ع ۾ غير تربيت يافته ملازمن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 26 هزار، ماهر ملازم جي 31 هزار 961 ۽ اعليٰ مهارت واري ملازم جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 33 هزار 491 رپيا مقرر هئي. سعيد غني ٻڌايو ته هاڻوڪي گهٽ ۾ گهٽ اجرت غير هنرمند لاءِ 43 هزار، گهٽ مهارت واري لاءِ 44 هزار 484، ماهر لاءِ 53 هزار 350 ۽ اعليٰ مهارت واري مزدور لاءِ 55 هزار 626 رپيا آهي. ايم پي اي محمد فاروق جي سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته سال 2025ع دوران ابراهيم حيدري ۾ پولٽري فيڊ جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ خطرناڪ ڪيميڪلز يا جانورن جي گدلاڻ لاءِ ٺهيل کڏي ۾ ڪري ڪنهن مزدور جي فوت ٿيڻ جو ڪو واقعو رپورٽ نه ٿيو، تنهن ڪري ان حوالي سان ڪا انڪوائري يا تحقيقات به نه ٿي. هن ٻڌايو ته 8 اپريل 2019ع تي پولٽري فيڊ ٺاهيندڙ هڪ فيڪٽري ۾ ٽن مزدورن جي فوت ٿيڻ جو واقعو پيش آيو هو. ان وقت محنت واري کاتي جي آفيسرن فيڪٽري جو دورو ڪيو ۽ فوت ٿيل مزدورن جي وارثن کي معاوضو پڻ ڏياريائون. سعيد غني موجب فيڪٽري مالڪ ۽ فوت ٿيل مزدورن جو تعلق چترال جي هڪ ئي ڳوٺ سان هو، جنهن بعد ٻنهي ڌرين پاڻ ۾ معاملو طئي ڪري ورتو، تنهن ڪري کاتي طرفان وڌيڪ قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي ۾ وليڪا اسپتال ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ ۽ ٻارن جي فوتگين بابت ضمني سوالن جا جواب ڏيندي سعيد غني چيو ته کيس آڪٽوبر 2025ع ۾ مختلف ذريعن وسيلي معاملي جي ڄاڻ ملي، جنهن کانپوءِ هن فوري طور سيٺي جي آفيسرن جو اجلاس طلب ڪري جاچ جا حڪم ڏنا ۽ هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي. هن ٻڌايو ته ڪميٽي جي پهرين رپورٽ ۾ 6 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ڪئي وئي، پر رپورٽ ۾ ذميوارن جو تعين نه ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ ڪميٽي کي تفصيلي رپورٽ ڏيڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. سعيد غني موجب ڪميٽي جي مڪمل رپورٽ اچڻ تائين متاثر ٻارن جو انگ 16 ٿي چڪو هو ۽ 10 ماڻهن کي ذميوار قرار ڏنو ويو، جن کي فوري طور معطل ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ حڪومت صحت کاتي کي ايڇ آءِ وي اسڪريننگ جي سفارش ڪئي، جنهن کانپوءِ ٻئي ڏينهن وليڪا اسپتال ۽ پوءِ ڀرپاسي جي آبادي ۾ اسڪريننگ شروع ڪئي وئي. صوبائي وزير ٻڌايو ته ڪجهه متاثر خاندان محتسبِ اعليٰ وٽ ويا، جنهن بعد محتسبِ اعليٰ هڪ نئين ڪميٽي قائم ڪري جاچ جي هدايت ڪئي. نئين ڪميٽي هر ڪيس جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ متاثر خاندانن سان رابطو ڪيو. هن چيو ته نئين ڪميٽي 37 ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ آفيسرن کي ذميوار قرار ڏنو، جن کي فوري طور معطل ڪري شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا، جڏهن ته هاڻي کين فائنل شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن. سعيد غني ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي پنهنجي سربراهي ۾ ٻن 20هين گريڊ جي اهڙن آفيسرن تي مشتمل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جن جو سيٺي سان تعلق نه هجي، ۽ اها ڪميٽي پڻ جاچ ڪري رهي آهي. سعيد غني چيو ته متاثر ٻارن کي طبي امداد نه ملڻ يا سندن خاندانن کي سهڪار نه ڏيڻ بابت ڳالهه درست ناهي. هن ٻڌايو ته سڀني متاثر ٻارن کي آغا خان اسپتال سميت وڏين اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ماهر ڊاڪٽرن سان پڻ رابطو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سيٺي جي فنڊ مان 2 ارب رپين جو اينڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته متاثر خاندانن کي علاج جون سهولتون ڏيڻ کان علاوه في خاندان 40 هزار رپيا ماهوار پڻ ادا ڪيا وڃن ٿا. ايم پي اي فتح سهيل جي سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير ٻڌايو ته سال 2023-24ع دوران 17 مزدورن کي اسڪالرشپ جي مد ۾ 19.522 ملين رپيا، 43 مزدورن کي شادي مدد جي مد ۾ 5.700 ملين رپيا، صاف پيئڻ جي پاڻي جي ٽينڪرن لاءِ 0.95 ملين رپيا ۽ 12 مزدورن کي حج تي موڪلڻ لاءِ 12.780 ملين رپيا خرچ ڪيا ويا. هن ٻڌايو ته سال 2024-25ع دوران ملازمن جي ٻارن لاءِ اسڪالرشپ جي مد ۾ 765 ٻارن کي 111.580 ملين رپيا، مزدورن جي 1236 نياڻين جي شادي مدد لاءِ 204.800 ملين رپيا ۽ 513 فوت ٿيل مزدورن جي وارثن کي فوتگي گرانٽ جي مد ۾ 299 ملين رپيا ڏنا ويا. ايم پي اي سجاد سومرو جي سوال جي جواب ۾ سعيد غني ٻڌايو ته سال 2022-23ع دوران سيٺي ذريعي 7 ارب 90 ڪروڙ 19 لک 81 هزار 185 رپيا ڪليڪشن ڪئي وئي، جڏهن ته سال 2023-24ع دوران 9 ارب 54 ڪروڙ 48 لک 99 هزار 165 رپيا ڪليڪشن ٿي. ضمني سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته هلندڙ سال سيٺي جي ڪنٽريبيوشن 12 ارب رپين کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي. ايم پي اي نجم مرزا جي لکت واري سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير ٻڌايو ته پهرين ڊسمبر 2022ع کان 30 نومبر 2025ع تائين ٽن سالن دوران صوبي جي مختلف ڪمپنين ۽ ڪارخانن پاران ڪيل 6015 خلاف ورزين تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ مجموعي طور 2 ڪروڙ 57 لک 82 هزار 400 رپيا ڏنڊ لڳايو ويو. ايم پي اي محمد عثمان جي سوال جي جواب ۾ سعيد غني ايوان کي ٻڌايو ته سنڌ ڊوميسٽڪ ورڪرز ويلفيئر ايڪٽ 2025ع کي 19 مئي 2026ع تي سڄي صوبي ۾ لاڳو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن قانون تحت گهريلو ملازمن جي روزگار ۽ ڀلائي کي منظم ڪرڻ لاءِ قانوني ڍانچو فراهم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ گهريلو ملازمن جي اجرت، ملازمت جي شرطن ۽ ٻين معاملن بابت تفصيلي ضابطا شامل آهن. سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت مزدورن جي حقن جي تحفظ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي عملدرآمد ۽ مزدورن جي خاندانن جي ڀلائي لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي.