پاڪستان پاران والاريل اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني اسرائيلي بستين ۾ ٺهندڙ مصنوعات تي پابندي هڻڻ جي برطانوي فيصلي جي آجيان

اسلام آباد - 09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان برطانيا پاران والاريل اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني اسرائيلي بستين ۾ ٺهندڙ مصنوعات تي پابندي هڻڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب والاريل فلسطيني علائقي ۾ غيرقانوني بستين جو مسلسل ڦهلاءُ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي، اهڙي طرح جون غيرقانوني ڪارروايون …

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان برطانيا پاران والاريل اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني اسرائيلي بستين ۾ ٺهندڙ مصنوعات تي پابندي هڻڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب والاريل فلسطيني علائقي ۾ غيرقانوني بستين جو مسلسل ڦهلاءُ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي، اهڙي طرح جون غيرقانوني ڪارروايون ٻه رياستي حل ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيون آهن. ان سلسلي ۾ پاڪستان ڪئناڊا، ڊينمارڪ، فن لينڊ، فرانس، آئس لينڊ، آئرلينڊ، ناروي، پولينڊ، پرتگال، اسپين ۽ سوئيڊن سميت ڪيترن ئي ٻين ملڪن جي اعلانن جي پڻ آجيان ڪري ٿو جيڪي اسرائيلي غيرقانوني بستين جي خلاف اهڙن ئي قدمن تي غور ڪري رهيا آهن ۽ انهن ڪوششن جي حمايت ڪري رهيا آهن. پاڪستان اميد ڪري ٿو ته اهي قدم والاريل فلسطيني علائقي ۾ غيرقانوني ڪاررواين کي رد ڪرڻ جو هڪ واضح پيغام ڏيندا. پاڪستان سدائين فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪئي آهي ۽ اڳتي به ڪندو رهندو ۽ انهن سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو جيڪي 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ خودمختيار، آزاد ۽ متصل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ آهن جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو.