وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم سيد افتخار علي گيلاني جي ملاقات

اسلام آباد - 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم سيد افتخار علي گيلاني ملاقات ڪئي، وزيراعظم کيس عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سيد افتخار علي گيلاني کي وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم …

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم سيد افتخار علي گيلاني ملاقات ڪئي، وزيراعظم کيس عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سيد افتخار علي گيلاني کي وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام جي ڀلائي لاءِ پاڪستان حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪندي رهندي. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي امن، ترقي ۽ خطي ۾ جاري فلاحي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته وفاقي حڪومت ڪشميري ڀائرن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سمورا قدم جاري رکندي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سيد افتخار علي گيلاني وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو خطي جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ شريڪ هئا.