اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ هوائون موجود آهن، اولهه وارين هوائن جو ڪمزور سلسلو ملڪ جي اترئين علائقن ۾ به موجود آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران …
ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي: موسميات کاتو
اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ هوائون موجود آهن، اولهه وارين هوائن جو ڪمزور سلسلو ملڪ جي اترئين علائقن ۾ به موجود آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات پئي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي، دالبندين، سبي 43، نورپورٿل ۽ ڀڪر ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.












