اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 698.57 پوئنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 171943.59 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 477.67 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 22.63 ارب رپيا هئي، مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 162 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 293 جي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، 100 انڊيڪس ۾ 698.57 پوئنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 171943.59 پوائنٽس تي بند
اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 698.57 پوئنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 171943.59 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 477.67 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 22.63 ارب رپيا هئي، مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 162 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 293 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 114 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتون مستحڪم رهيون. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 242.52 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 51172.12 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1493.10 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 244613.98 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 7.10 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا، سينير جيڪو پي جي لميٽيڊ جي 65824954 شيئرز، عائشه اسٽيل ملز 28558495 شيئرز ۽ ٺٺه سيمينٽ لميٽيڊ جي 25595045 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 69.3 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.












