سيد مراد علي شاهه پاران ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم جي عالمي رينڪنگ ۾ نمايان بهتري تي قوم کي مبارڪون

ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم جي عالمي رينڪنگ ۾ نمايان بهتري تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي بندرگاهن جي عالمي ڪارڪردگي ۾ 30 درجا بهتري پاڪستان لاءِ خوش آئنده ڪاميابي آهي. هن چيو ته ڪراچي پورٽ عالمي ڪنٽينر پورٽ پرفارمنس انڊيڪس ۾ 99هين کان 69هين پوزيشن تي اچي ويو آهي، جڏهن ته پورٽ …

ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم جي عالمي رينڪنگ ۾ نمايان بهتري تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي بندرگاهن جي عالمي ڪارڪردگي ۾ 30 درجا بهتري پاڪستان لاءِ خوش آئنده ڪاميابي آهي. هن چيو ته ڪراچي پورٽ عالمي ڪنٽينر پورٽ پرفارمنس انڊيڪس ۾ 99هين کان 69هين پوزيشن تي اچي ويو آهي، جڏهن ته پورٽ قاسم جي عالمي رينڪنگ ۾ پڻ نمايان بهتري آئي آهي ۽ اها 74هين کان 56هين پوزيشن تي اچي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ جي عالمي درجابندي ۾ بهتري سنڌ جي بندرگاهي صلاحيت ۽ آپريشنل ڪارڪردگي جو ثبوت آهي، جڏهن ته پورٽ قاسم جي عالمي ڪارڪردگي ۾ بهتري پڻ پاڪستان لاءِ حوصلي واري اڳڀرائي آهي. عالمي ادارن پاران پاڪستاني بندرگاهن جي بهتر ڪارڪردگي جو اعتراف سٺو سنئوڻ آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جون بندرگاهون ملڪ جي واپار، صنعت ۽ معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيون. سنڌ جي سامونڊي پٽي پاڪستان کي عالمي واپار جا نوان موقعا فراهم ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته ميري ٽائيم شعبي جي ترقي سنڌ جي معيشت، روزگار ۽ صنعتي سرگرمين لاءِ انتهائي اهم آهي. سنڌ حڪومت بندرگاهي ڍانچي کي جديد بنيادن تي هموار ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان ڀرپور سهڪار جاري رکندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم سان گڏ سنڌ ۾ نئين بندرگاهن جي ترقي وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪيٽي بندر کي جديد ڊيپ سي پورٽ طور ترقي ڏيڻ سنڌ حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ڪيٽي بندر منصوبو سنڌ جي سامونڊي علائقن کي ملڪ ۽ دنيا جي نون واپاري مرڪزن سان ڳنڍي سگهي ٿو، جنهن سان معاشي سرگرمين ۽ سيڙپڪاري جا نوان دروازا کلي سگهن ٿا. ڪيٽي بندر منصوبو ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ڀرپاسي جي سامونڊي علائقن لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪري سگهي ٿو.سيد مراد علي شاهه چيو ته جديد ڪيٽي بندر مقامي مهاڻن، زرعي پيداوار ۽ سامونڊي معيشت لاءِ نئين مارڪيٽن تائين پهچ بهتر بڻائي سگهي ٿو. ڪيٽي بندر کي روڊن، ريلوي ۽ ٻين لاجسٽڪ نيٽ ورڪن سان ڳنڍي هڪ جامع معاشي ڪوريڊور بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪيٽي بندر جي ترقي سان ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم تي وڌندڙ واپاري دٻاءُ گهٽائڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته نئين بندرگاهه ذريعي سامان جي پهچ ۽ هينڊلنگ جي اضافي گنجائش پيدا ٿيندي، جنهن سان پاڪستان جو واپار وڌيڪ مقابلي وارو بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪيٽي بندر مستقبل ۾ پاڪستان لاءِ علائقائي ٽرانس شپمينٽ ۽ سامونڊي واپار جو اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو. سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ سيڙپڪاري سان خانگي شعبي، مقامي صنعت ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن هدايت ڪئي ته ڪيٽي بندر منصوبي ۾ مقامي آبادي جي مفادن، مهاڻن جي روزگار ۽ ماحولياتي تحفظ کي اولين ترجيح ڏني وڃي. مينگرووز ۽ سامونڊي ماحولياتي نظام جو تحفظ ڪيٽي بندر جي ترقي جو لازمي حصو هجڻ گهرجي.سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ڪيٽي بندر جي ترقي لاءِ قابلِ عمل ۽ پائيدار ماڊل تي ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان جي بليو اڪانامي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سنڌ جي سامونڊي پٽي کي معاشي طاقت ۾ تبديل ڪرڻو پوندو.هن چيو ته مضبوط بندرگاهون، بهتر لاجسٽڪس ۽ جديد ميري ٽائيم انفراسٽرڪچر پاڪستان جي معاشي ترقي جي بنياد بڻجي سگهن ٿا. ڪراچي پورٽ، پورٽ قاسم ۽ مستقبل جو ڪيٽي بندر گڏجي سنڌ کي پاڪستان جو اهم ميري ٽائيم ۽ واپاري مرڪز بڻائي سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڪستان جي سامونڊي معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪندي. ميري ٽائيم شعبي ۾ ترقي جو مطلب صرف بندرگاهن جي ترقي ناهي، پر ان سان واپار، صنعت، روزگار ۽ روانگي واپار ۾ پڻ اضافو ٿيندو. هن چيو ته اسان سنڌ جي سامونڊي پٽي کي پاڪستان جي معاشي ترقي جو نئون گيٽ وي بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.